English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اي منھنجي سنڌ امان پنھنجي قسمت کي چؤ
views
|
30th Oct 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ليکڪ: حبيب ٽالاڻي
شاھ عبدالطيف ڀٽاـٔي سميت اسان سڀنئ جي ھي سھڻي سنڌ ڌرتي جيڪا پنھنجي اندر ۾ ھزارين سالن جي امن ڀاـٔيچاري سک شانتي محبت ۽ رواداري واري تاريخ رکي ٿي جنھن سنڌ ۾ وھندڙ سنڌو جو پويتر پاڻي اسان لاء امڙ جي ٿڃ مان نڪرڻدڙ کير مثال آھي اھو ـٔي پاڻي اسان ڪروڙين انسان پکي پھڻ ۽ جانورن جي جياپي جو سھارو پڻ آھي ھن جنت جھڙي ڌرتي ۾ موجود ڪنيجھر منجھر سنڌو سمونڊ ڄڻ ته اسان جي ھن ديس جي خوشحالي جو ثبوت ڏيـٔي رھيا ھجن ھتي سنڌين جو سنڌو درياھ پنھنجي ٻيٽن کيتن ڀٽن خلاف ٿيندڙ سازشن توڙي ڊاڪٽر شاھنواز جي بيرحماڻي قتل تي ھڪ آواز ٿي ڏيکارڻ سنڌ جي صدين جي رواداري کي برقرار رکڻ لاء سنڌ جي سڄاڻ ڌرين پاران پنھنجي شھر ڪراچي ۾ رواداري مارچ ڪرڻ ۽ مارچ دوران رياستي ڏاڍ جبر ۽ ظلم کي کلندي قبول ڪرڻ اسان جي نياڻين جون پنھنجي مٿي تي لٺيون سھڻ روڊن تي گھلجڻ برداشت ڪرڻ ۽ وري ٿاڻي ۾ ويھي عزت آجپي ۽ آزادي جا گيت جھونگارڻ ماـٔي جندو ھوشو ھيمون دودي سومري جھڙا ڪيـٔي تاريخي ڪردار اسان جي سھڻي امڙ سنڌ جي سينڌ کي سنوارڻ سان گڏو گڏ سنڌ جي شعور کي ظاھر ڪرڻ جو سبب بڻجي اڀري رھيا آھن جتي اھي شيون اسان جي سھڻي سنڌ ۽ سنڌ جي صدين جي سھڻي تاريخ لاء سينگار زيورجھڙيون آھن اتي اسان جي جنت جھڙي سنڌ ۾ انتھا پسندي معاشرتي ٽوڙ ڦوڙ بدامني ڦر ڌاڙا اغواـٔون نياڻين سان ٿيندڙ ظلم ۽ اانصافين جھڙيون شيون ھڪ ڀواـٔتي ۽ خوفناڪ حقيقت جيـٔان اسان اڳيان نروار ٿي بيھي اسان مٿان کلي ٽھڪ رھيون آھـن توڙي جي اھڙين سماجي ناانصافين ۽ ظلم خلاف اسان جي معاشري ۾ سنڌي اديبن شاـٔرن دانشورن تاريخ دانن قلم ڪارن عورتن شاگردن قومي سياسي پارٽين ڪارڪنن ڀرپور آواز اٿاريو احتجاج ڪيو پر وقت جي حڪمران ٽولي پنھنجي سياسي مفادن خاطر سنڌ ۾ اٿندڙ آواز تي ڪو به ڌيان نه ڏنو جنھن سبب اسان جي ھي سھڻي سنڌ ڌرتي ٻين انيڪ مسـٔلن سان گڏوگڏو خوفناڪ ۽ ڀواـٔتي حد تاـٔين بدامني جي ور چڙھي وـٔي ماضي ۾ ته رڳو روڊ رستن تي ڦرون ٿينديون ھيون پر ھاڻي سڄي سنڌ ۾ ماڻھن کي اغوا ڪرڻ روز معمول بڻجي ويو آھي ڏينھن ھجي يا رات ھجي رھزن ٽولا بنا ڪنھن خوف ۽ روڪ ٽوڪ ۽ جھل پل جي روڊن تي نڪري اچي ايندڙ ويندڙ مسافرن کان ڦر ڪرڻ سان گڏو گڏ مسافرن کي اغوا ڪري کڻي وڃڻ کي به معمول بڻاـٔي ڇڏيو آھي اغوا ڪـندڙ رھزن نه ٻار کي ڇڏن ٿا ۽ وري پوڙھن جو ڪو خيال ڪن ٿا بس ھنن کي پـٔيسا کپن ان ڪري اھي ڪنھن کي به اغوا ڪري کڻي وڃڻ ۾ شرم محسوس ناھن ڪندا ۽ وري انھن جي ديدا دليري وري اھا ته اھي اغواڪار مغوي بڻايل ماڻھن تي تشدد ڪرڻ ۽ ڀنگ گھرڻ جا وڊيو ڀري نيٽ تي رکن ٿا انٽرنيٽ تي اسان کي روز اھڙا وڊيوز ڏسڻ ۾ ايندا آھن پر اسان جي سنڌ سرڪار ڪجھ به ڪرڻ کان قاصر آھي صرف ان ڪري ته اھي رھزن ڪنھن نه ڪنھن بااثر جي قوم مان ضرور ھوندا ۽ وري اھو بااثر ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان اقتدار ڌڻين جي اقتدار يا اقتداري مفادن سان لاڳاپيل ضرور ھوندو ۽ وري پوليس جو ڪردار ھاڻي ڪمداري ڪرڻ کان وڌي ڪري ڌاڙيلن وارو ٿي ويو آھي ڇو ته ھاڻي ھر علاـٔقي ۾ پوليس جا ڌاڙيلن سان اڻ سڌ طرح نه جا پر سڌا واستا ٿي پيا آھن ۽ وري ٻي ڳالهه ته ھر علاـٔقي جي چوڪي انچارج کان ويندي ايس ايس پي سطح جي آفيسرن کي به مٿي منٿلي ڏيڻي پوندي آھي پوء اھڙي صورتحال ۾ اھو ڪيـٔن ممڪن آھي ته سنڌ ۾ امـن سک ۽ شانتي واپس وري سگھي ھتي اغوا ٿي ويل پريا ڪماري کان ويندي ٺل جي معصوم نياڻي جنھن جو نالو مونکي ھن وقت ياد ڪو نه پيو اچي شايد فضيلا سرڪي ھجي تاـٔين اھڙا ڪيـٔي ڪيس حل طلب آھن جيڪي اڃان تاـٔـن حل ناھن ٿي سگھيا جيڪڏھن ٺل واري معصوم نياڻي الله ڪري حيات آھي ته ھو ماء بڻجي وـٔي ھوندي پر ڏھاڪا گذري ويا ھن نياڻي جو ڪو ڏس پتو ناھي پريا ڪماري لاء سڄي سنڌ احتجاج ڪيو پر معصوم نياڻي پريا ڪماري لڀي ۽ ڪا نٿي پريا ڪماري جي امڙ روـٔي روـٔي پنھنجي اکين جا ڳوڙھا ته سڪاـٔي ڇڏيا پر نه پريا ڪماري بازياب ٿي نه اسان جي حڪمرانن کي ھي ظلم نظراچي آيو ۽ نه وري پريا ڪماري جي امڙ جا رتھاڻا لڙڪ نظر اچن ٿا ۽ نه وري سنڌ جو آواز کيس ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ جيڪڏھن ڪنھن وزير يا ايم پي اي يا ايم اين اي کان پريا ڪماري بابت جڏھن ڪي غيرتمند ۽ بھادر صحافي سوال ڪن ٿا ته اھي تپي تندور ٿين ٿا جيڪڏھن اھي چونڊيل نماـٔندا بدامني خلاف ايڏو تپن ھا رھزن تي ايڏي ڪاوڙ ڏيکارن ھا پوليس تي ڪاوڙ ڏيکاري ڪارن رڍن خلاف ڪارواـٔي ڪن ھا پنھنجي سياسي ۽ اقتداري مفادن بدران غريب ووٽرن جي عزت جان مال ۽ نياڻين جي تحفظ لاء اپاء وٺن ھا تا اڄ سنڌ اـٔين ڪنھن ڇوري نياڻي يا مجبور ماء جيـٔان ظلم ڏاڍ ناانصافي ۽ جبر تي رت نه روـٔي ھا پر افسوس حڪمرانن اقتداري مفادن خاطر سنڌ کي رھزنن حوالي ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب سڄي سنڌ مان اسان جا ڪيتراـٔي سنڌي ھندو ڀاـٔر پنھنجي جنم ڀومي ھن سھڻي سنڌ ڌرتي کي الوداع چـٔي روـٔندا لڙڪ ھاريندا ھند ھليا ويا پر اسان جا اقتدار ڌڻي اکيون بند ڪري ستا پيا آھن حڪمرانن جي اھڙي روـٔي سبب ھاڻي سنڌ صوبي ۾ خاص ڪري ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ گھوٽڪي ضلعا بدامني ۽ اغوا فيڪٽر جو ڳڙھ بڻجي ويا آھن اھي ٻـٔي ضلعا سنڌ صوبي کي پنجاب سان ڳنڍن ٿا ان ڪري اتي بدامني جو اثر سڄي سنڌ تي پوي ٿو انھن ـٔي ضلعن مان سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻھو پنجان وڃن ٿا ۽ اتان جا ماڻھو ھن پار اچن ٿا اھي ضلعا اھم لنگھ ھجڻ باوجود اتي امن لاء ڪي به اپاء ناھن ورتا ويا ان ڪري اتان ايندڙ ويندڙ مسافر ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل آھن جيڪي ڌاڙيل نه نياڻين کي ڇڏن ٿا نه پوڙھن کي ۽ نه وري معصوم ٻارن کي ڇڏن ٿا ڌاڙيلن تازو ھڪ شرم ناڪ وڊيو جاري ڪيو آھين جنھن ۾ ٻن معصوم ٻارن کي زنجيرن سان ٻڌل ڏيکاريو ويو آھي جيڪي فرشتن جھڙا ٻار روـٔن رڙن پيا دانھون ڪن پيا پر رھزنن جي دل ۾ معصوم ٻارڙن لاء به رحم پيدا ڪو نه ٿو ٿـٔي ۽ ڌاڙيل صرف ڀنگ گھري رھيا آھن ته اسان کي ڀنگ ڏيو ته پوء ٻارن کي آزاد ڪنداسين ٻارڙا دانھون ڪن پيا ته پـٔيسا ڏيو نه ته ھي اسان کي درياھ ۾ لوڙھي ڇڏيندا اھا وڊيو ڏسي ھر اک ڳوڙھا ھاري ٿي پر شايد اسان جي حڪمرانن کي اکيون ناھن يا انھن جي اکين ۾ ڳوڙھا ناھن يا شايد انھن جي اندر ۾ دل ناھين يا انھن کي پنھنجا ٻار ناھن جيڪڏھن اھي ٻار اقتدار ڌڻي جا ھجن ھا ته پوء انھن کي خبر پوي ھا ته درد ڇا ٿيندو آھي ڪيـٔن عام ماڻھو بدامني جي عذاب ۾ لوڙي پيو تازو ظاھر ٿيل ويڊيو ۾ اغواٿيل معصوم ٻارڙن کي زنجيرن سان ٻڌل ڏيکاريو ويو آھي جيڪوانتھاـٔي دل آزاريندڙ منظر آھي اھو ڌاڙيل فيڪٽر اسان جي سنڌ جي روح کي رھڙي رھيا آھي اڄ اسان جي سنڌ اسان جي صدين جي تاريخ موـٔن جي دڙي جا آثار شاھ جون وايون بيت اداس آھن ھوشو ھيمو دودو سومرو جا روح به اداس ھوندا اڄ سنڌو جون ڇوليون سمونڊ جي خاموشي ۾ به ماتم ھوندو اڄ ٿر وسڪاري باوجود ڄڻ ته اڃايل آھي ڪنيجھر ۽ منڇر پڻ پڪ سان شانتي ۾ نه ھوندا اڄ ڄامشوري جون ھواـٔون ڪراچيء جون روشنيون ۽سکر جو لب مھراڻ سنڌ جي ھن نوحي تي ماتم ڪندو ھوندو پراسان سڀ مجبور آھيون اسان ڪجھ ڪرڻ کان به قاثر آھيون اسان مٿان مير پيرن ڀوتار سردار جاڳيردار حاوي ٿي ويا آھن ھا اسان ھڪ شـٔي ڪري سگھون ٿا بس رت روـٔي سگھون ٿا دانھون ڪري سگھوم ٿا ھن انڌن ٻوڙن گوگن ۽ اقتداري لالچي ماڻھـن جي جوڙيل ھن ھٿرادو ڪوڙي سماج اندر اسان شايد ان کان وڌيڪ ڪجھ ڪري نه سگھون اي سنڌ امان اسان تنھنجا ڏوھي آھيون اسان تنھنجو حق ادا ڪري نه سگھيان سين تون قيامت جي ڏينھن اسان مٿان دانھين ته ضرور ٿيندينٔ پر اسان جو ڪنڌ تو اڳيان ھتي به جھڪيل آھي قيامت جي ڏينھن به اسان تنھنجي اڳيان ڪنڍ جھڪاـٔي بيٺا ھونداسين اي سنڌ امان اسان کي معاف ڪر اسان ھن سماج تنھنجي قوم توڙي ڌرتي لاء ڪجھ به ڪري نه سگھياسين بس ايترو چونداسين اي منھنجي سنڌ امان پنھنجي قسمت کي چؤ
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: بشریٰ بی بی کو عدالت سے گرفتار کر لیا گیا، القادر یونیورسٹی کو سرکاری تحویل میں لینے کا حکم
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: 190 ملین پاؤنڈ کیس، پی ٹی آئی کے بانی عمران خان اور بشریٰ بی بی کو سزا
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽي جو دورو
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ اجمير نگر پوليس تي 2 لک نه ڏيڻ تان نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جو الزام
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بئاڻڻ جي سازش آهي: ف ليگ اڳواڻ
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول: ڊي سي زاهد حسين رند جي صدارت هيٺ اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حبيب ٽالاڻي
اي منھنجي سنڌ امان
0 تبصرے