English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
چولستان ۾ 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو: اياز لطيف پليجو
views
|
29th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبن جي منظوري ڪيئن ڏني آھي؟
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي سنڌ کي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي پ پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. ايندڙ وقت سنڌ لاءِ وڌيڪ ڏکيو آهي. زرداري ليگ کي سنڌي ماڻهن جي تڪليفن جي ڪا بہ پرواھ نہ آھي سنڌي عوام تي تڪليفون اچڻ سان ڄڻ زرداري ليگ ۽ سندس ڪرپٽ سنڌ حڪومت جي لاٽري کليو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ چولستان ۾ 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء تعصب ڪندڙ ثابت ٿيا آھن. چار سئو ڪلوميٽر ڊگھي ساحلي پٽي واري سنڌ بيروزگاري ۾ تڙپي رھي آھي. سنڌ جي اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبن جي منظوري ڪيئن ڏني آھي؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ بنايو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي، ايم پي ايز، ايم اين ايز ڪٿي آھن؟ پيئڻ جو پاڻي ۽ زراعت جو پاڻي بنيادي انساني حق آھن. پارليامينٽ ۽ سي سي آء سنڌ جي پاڻي کان لاتعلق آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ چشمه ۽ تونسا ڪئنال کي مستقل وھائڻ غير قانوني ۽ غير آئيني عمل آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا سخت متاثر آھن. سي سي آء، واپڊا، پلاننگ ڪميشن ۽ نيپرا ۾ سنڌ جي نمائندگي نہ ھجڻ برابر آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي ڀڙڀانگ نہ ڪيو وڃي. زرداري صاحب سنڌ جي دولت ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھين سنڌ تباھ ٿي رھي آھين پارليامينٽ ل، عدالتون ۽ ميڊيا لاتعلقي ختم ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ زرداري صاحب، وزيراعظم صاحب ٻڌو وڌيڪ ڪئنال ٺھڻ نہ ڏينداسين.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڊيم ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻ سڀ تبديلي جي ڳالھ تہ تمام زبردست ڪندا آھيون مگر جڏھن تبديلي اچڻ واري اليڪشن جو ٽائيم ايندو آھي تہ پوء پاڻ سنڌ جي ھمدردن ھڏ ڏوکين کي ووٽ ڏيڻ بجاء ڪرپٽ، چور، ڀوتارن، سردارن ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻندڙ زرداري ليگ جي پويان ھوندا آھيون انھن کي سوڀارو ڪري ايوانن تائين پھچائيندا آھيون پوءِ واري پنج سال رڙيون دانھون ڪندا آھيون ظالم حڪمرانن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ اسيمبلي
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
پيپلزپارٽي
زرداري ٽولي
0 تبصرے