English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جو عوام سنڌو درياء تي نون ڪئنالن وارن منصوبن کي هرگز برداشت نه ڪندو: ڪاشف سعيد شيخ
views
|
29th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياهه تي ڊيم ۽ ڪينال تعمير ڪرڻ سان سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهن
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي 26ھين آئيني ترميم کان وٺي ارسا ائڪٽ ۾ ترميم تائين مفاداتي پاليسن سنڌ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آھي جيڪڏهن سنڌو مٿان نوَن ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي. سنڌ جو عوام ڪڏهن به پنهنجي حقن ۽ وسيلن تان دستبردار نه ٿيندو نه ئي سنڌو تي ناجائز ڌاڙو برداشت ڪندو. وڏي وزير مراد علي شاهه جو اهو بيان ته “ سنڌو تي ڪئنال اڏڻ جي مخالفت ڪئي هئي، پر منظوري خبر ناهي ڪيئن ٿي” واري ڳالهه نسورو ڪوڙ ۽ سنڌ جي عوام جي اکين ۾ سُرمون وجهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، پيپلزپارٽي جي ڪو چئيرمين آصف علي زرداري ارسا ائڪٽ ۾ تبديلي جي منظوري ڇو ڏني، پ پ گرين پاڪستان منصوبي ۽ هاڪس بي لاءِ سنڌ جون لکين ايڪڙ قيمتي زمينون عسڪري ادارن حوالي ڪرڻ جي هامي ڀري آهي جڏهن ته ڪارونجهر جي ڪٽائي کان وٺي بحريه ٽائون کي زمينون ڏيڻ به سندس سنڌ دشمن منصوبن ۾ شامل آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي ساڃاهه ونڌ ۽ سڄڻن سان گڏجي ڪري سنڌوءُ مٿان نوان ڪينال اڏڻ جي هر فورم تي ڀرپور جدوجهد جاري رکندي ۽ سنڌ جي مفادن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. سنڌ جي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته مُراد علي شاهه جي احتجاج باوجود جيڪڏهن وفاقي حڪومت چولستان سميت نوان ڪئنال اڏڻ تي بضد آهي ته کيس استعفى ڏئي گهر هليو وڃڻ گهرجي ۽ پيپلزپارٽي وفاق ۾ نواز ليگ حڪومت سان سهڪار ختم ڪري سنڌ جو عوام تڏهن سمجهندو ته واقعي پ پ سنڌ جي مفادن جي سوديبازي نه ڪندي نه ته اهي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙڻ بند ڪيا وڃن. سنڌو درياهه تي ڊيم ۽ ڪينال تعمير ڪرڻ سان سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، وري جي نوان ڪئنال ٺهيا ته سنڌ مڪمل طور بنجر بڻجي ويندي، سنڌ جو عوام سنڌو درياء نون ڪئنالن وارن منصوبن کي هرگز برداشت نه ڪندو. هن وقت به 1991ع پاڻي ٺاهه تحت گذريل ڪيترين ئي سالن کان مسلسل سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي نٿو ملي، سامونڊي پٽي جي لکين ايڪڙ ايراضي زمين سمنڊ جي زهريلي سيلاب ۽ چاڙھ ڳڙڪائي خراب ڪري ڇڏي آهي ۽ لکين ماڻهو پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته لکين ايڪڙن تي مشتمل تمر جا ٻيلا پڻ ختم ٿي ويا آهن ۽ مڇي مرڻ جو انگ گهٽ، جهنگلي جيوت جا ڪيترائي قسم ناپيد ٿي ويا آهن، پکين جا ڪيترائي قسم ختم ٿي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اڳ ۾ طئي ٿيل معاهدن موجب سنڌ کي ضرورت مطابق پاڻي نه ملي رهيو آهي ويتر اهڙي صورتحال ۾ ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ جو مطلب سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ ٿر ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو. جيڪڏهن حڪمران پنهنجي ھوڏ تان نه لٿا ته ان جا نتيجا چڱا نه نڪرندا. سنڌوءُ سنڌين جي جياپي جو نالو آهي ان تي بند ٻڌڻ ۽ ڪينال ڪڍڻ وارن حڪمرانن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف سڄي سنڌ جي عوام کي متحد ڪري هر شهر ۽ وسندي ۾ زبردست احتجاجي تحريڪ هلائينداسين.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪاشف سعيد شيخ
سنڌو درياهه
جماعت اسلامي سنڌ
0 تبصرے