ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالقدوس ميمڻ دوري دوران اسڪولن جي شاگردن کان سوال جواب ڪيا
عمرڪوٽ(ڊ ر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران عمرڪوٽ شھر جي ھاء اسڪول نمبر ٽو عمرڪوٽ ۽ ڪولھي دڙو اسڪول جو دورو، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران اسڪولن جي شاگردن سان سوال جواب ڪيا ويا، ان موقعي تي ھن ھلندڙ ڪلاس دوران شاگردن سان گڏ ڊيسڪ تي ويھي استادن پاران ڏنل ليڪچر جو پڻ جائزو ورتو ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران اسڪولن جي ھيڊ ماستر کي ھدايت ڪندي چيو تہ اسڪولن ۾ وقت جي پابندي سان استادن توڙي شاگردن جي حاضري سميت صفائي سٿرائي جي نظام کي يقيني بڻايو وڃي، ھن چيو ته تعليم ھر ٻار جو بنيادي حق آهي، سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي نظام کي بهتر ڪيو وڃي تہ جئين شاگرد تعليم جھڙي زيور سان سرشار ٿي سگھن، ان موقعي تي ھن شاگردن کان پڇيو ته اوھان کي تدريسي ڪتاب پورا مليا آھن، ھن اسڪولن جي بلڊنگ جي مرمت توڙي اسڪولن کي ملندڙ ايس ايم سي فنڊز جي استعمال بابت پڻ معلومات ورتي.
0 تبصرے