شاھ لطيف ٿاڻي جي حد ۾ ڪتاب چوري ڪيس ۾ سچ ڇو لڪايو پيو وڃي ؟
ملير جي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر عبدالجبار ککراڻي کي معطل ڪيو ويو آهي. پر سوال اٿي ٿو ته آخر ڪيو ڇو؟ ڇا هو حقيقت کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو يا انهن بااثر شخصيتن جو ساٿ نه ڏيڻ آھي ؟
هن سڄي معاملي ۾ ڪجهه اهم سوال اٿي رهيا آهن:
1. ڇا پوليس پاڻ به هن ڪيس ۾ ملوث آهي ۽ حقيقت کي لڪائي رهي آهي؟
2. ڇا تعليم کاتي جا ڪجهه آفيسر به هن ڪيس ۾ ملوث آهن؟
3. ڇا صحافين جو ڪوڙو پروپيگنڊا هن سڄي معاملي کي لڪائي رهيا آهن؟
4. ڇا عبدالجبار ککراڻي کي صرف انهن بااثر شخصيتن جو ساٿ نه ڏيڻ جي ڪري معطل ڪيو ويو آهي؟
5. ڇا ملير تعليم کاتي ۾ ڪرپشن جو انبار ناھن؟
6. تعليم واري سيڪريٽري کانپوءِ ڊي سي ملير ڪتاب چوري ٿيڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ ايس ايس پي ملير کي خط لکي ڇڏيو؟؟
0 تبصرے