عمرڪوٽ: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالقدوس ميمڻ جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿي گذريو

ڏوھن تي ضابطو آڻي ايس ايس پي آفيس ۾ ڪمپلينٽ سيل کي فعال بڻايو وڃي: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج

عمرڪوٽ: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالقدوس ميمڻ جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿي گذريو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ جي صدارت ھيٺ سيشن ڪورٽ جي ميٽنگ ھال ۾ ڪرمنل جسٽس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو، ان موقعي تي اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري، ايس ايس پي عمرڪوٽ عزير احمد ميمڻ، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر نند لال، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد، ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر عمرڪوٽ، ڊسٽرڪٽ اٽارني عمرڪوٽ، سپريٽينڊنٽ سينٽرل جيل ميرپورخاص، پوليس سرجن، ڊسٽرڪٽ وومين ڊولپمينٽ آفيسر، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن عمرڪوٽ جي صدر، سپريٽينڊنٽ سب جيل عمرڪوٽ، ضلعي عمرڪوٽ جي سمورن ٽائون آفيسرن سميت لاڳاپيل ميمبرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي ھدايت ڪندي چيو تہ ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڏوھن تي مڪمل طور تي ضابطو آندو وڃي، ھن چيو ته ايس ايس پي آفيس ۾ ڪمپلينٽ سيل کي فعال بڻايو وڃي، ھن وڌيڪ چيو ته سيف ھائوس عمرڪوٽ کي مڪمل طور تي فعال ڪيو وڃي ۽ اتي گھربل سموريون سهولتون مھيا ڪيون وڃن، ان موقعي تي ھن عمرڪوٽ جي مختلف شهرن ۾ گدلاڻ توڙي روڊ رستن تي موجود گندگي جو نوٽيس وٺندي لوڪل گورنمينٽ کاتي جي سمورن ٽائون آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو تہ ھڪ ھفتي اندر سمورن لاڳاپيل شھرن جي صفائي سٿرائي جي نظام کي يقيني بڻايو وڃي ۽ مستقل بنيادن تي صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي، ان موقعي تي ھن صحت کاتي جي ڊي ايڇ او کي ھدايت ڪندي چيو تہ ضلعي عمرڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال سميت تعلقي اسپتالون، بي ايڇ يو سميت ٻين سمورن اسپتالن ۾ دوائن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسپتال جي اسٽورن ۾ دوائن جو اسٽاڪ واضح طور تي نظر اچي جنھن جي مان پاڻ وزٽ ڪندس ۽ ڪٿي بہ ڪا ڪوتاهي نظر آئي تہ لاڳاپيل آفيسرن خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي، ھن چيو ته اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي جي نظام کي پڻ يقيني بڻايو وڃي.