عمرڪوٽ ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران ڏياري جي موقعي تي راشن ورهايو ويو

الخدمت فائونڊيشن پاران ذڪرالله مجاهد 200 مستحق خاندانن ۾ راشن بيگز ورهايا

عمرڪوٽ ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران ڏياري جي موقعي تي راشن ورهايو ويو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڏياري جي خوشي جي موقعي تي الخدمت فاؤنڊیشن عمرڪوٽ هندو برادري جي مستحق ماڻهن ۾ راشن بيگز، ڪپڙا ۽ تحفا تقسيم ڪيا. اها تقريب تاريخي شو مندر، جيڪو عمرڪوٽ شهر کان اٺ ڪلوميٽر پري واقع آهي اتي رکي وئي، جنهن ۾ سوين مردن توڙي عورتن شرڪت ڪئي تقريب دوران الخدمت فاؤنڊیشن هندو برادري جي 200 مستحق خاندانن ۾ راشن بيگز تقسيم ڪيا. الخدمت فاؤنڊیشن سنڌ جي اڳواڻن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته فاؤنڊیشن انسانيت جي خدمت جي نظريي تي قائم آهي ۽ رنگ، نسل يا مذهب جي بنياد تي ڪا به فرق نٿي ڪري. هنن چيو ته اهڙيون امدادي سرگرميون انسانيت جي همدردي کي هٿي ڏين ٿيون. تقريب ۾ موجود مستحقين الخدمت فاؤنڊیشن پاران ڏياري جي موقعي تي ڪيل امداد تي خوشي ۽ شڪريو ادا ڪيو. هڪ مستحق عورت چيو، "اسان کي هن سال سٺي نموني ڏياري ملهائڻ جو موقعو مليو آهي ڇو ته الخدمت فاؤنڊیشن اسان جون ضرورتون پوريون ڪيون آهن. اهو اسان لاءِ تمام وڏي خوشي آهي ته اسان کي ڏياري تي تحفا ۽ راشن مليا آهن." هڪ ٻئي مستحق چيو، "اهو پهريون موقعو آهي جڏهن ڪنهن اسان جي مدد ڪئي آهي. اسان پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ تي الخدمت فاؤنڊیشن جا شڪر گذار آهيون. مقررن جو اظهار خيال الخدمت فاؤنڊیشن پاڪستان جي نائب صدر، ذڪرالله مجاهد تقريب کي خطاب ڪندي چيو، "اهو پوري قوم جي ذميواري آهي ته هو اهڙن ضرورت مندن جو خيال رکن جيڪي وسيلن جي کوٽ جي ڪري پنهنجي خوشيون نٿا ملهائي سگهن. الخدمت فاؤنڊیشن هميشه ڪوشش ڪري ٿي ته هر ڪميونٽي جي مستحق ماڻهن تائين مدد پهچائي وڃي، ته جيئن ڪو به خوشين کان محروم نه رهي." هن وڌيڪ چيو، "اسان جو مقصد انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي، ۽ ان خدمت دوران اسان رنگ، نسل، ۽ مذهب کي بالڪل نه ٿا ڏسون. ڏياري جي موقعي تي هندو برادري سان تحفا ورهائڻ اسان جي معاشرتي هم آهنگي کي مضبوط ڪري ٿو هندو برادري جي اڳواڻن، بشمول گيان پوري مهاراج (شو مندر) ۽ اقليتي اڳواڻ شنڪر لال، الخدمت فاؤنڊیشن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ هن قدم کي فرقيوارانه هم آهنگي جي هڪ بهترين مثال قرار ڏنو. گيان پوري مهاراج چيو، "الخدمت فاؤنڊیشن جنهن محبت ۽ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو اسان جي دلين کي ڇهي ويو آهي. اسان ان سهڪار کي تمام گهڻو ساراهيون ٿا ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن الخدمت فاؤنڊیشن جي هن عمل کي ساراهيو ۽ چيو ته اهڙا قدم اسان جي سماج ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي فروغ جو ذريعو بڻجن ٿا. تقريب ۾ الخدمت فاؤنڊیشن پاڪستان جي نائب صدر، ذڪرالله مجاهد، اقليتي اڳواڻ شنڪر لال، ضلعي چيئرمين اظهار احمد، قربان علي گشڪوري امير جماعت عمرڪوٽ، نويد محمد منصوري، محمد خالد صديقي سٽي صدر، سماجي اڳواڻ ڪمليش لوهاڻا، محمد شاهد قريشي، گيان پوري مهاراج (شو مندر) صحافين توڙي ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي