ڪراچي: سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي چار جي نمائندن ٻوٽو نه ٻاريو

علائقي واسين نااميد ٿي پنھنجي مدد پاڻ تحت مٽي جا ڊمپر لھرائي ڪم شروع ڪرايو

ڪراچي: سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي چار جي نمائندن ٻوٽو نه ٻاريو

ڪراچي (اعجاز چانڊيو)ڪراچي. سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي چار جي نمائندن ٻوٽو نه ٻاريو نيٺ نااميد ٿي پنھنجي مدد پاڻ تحت مٽي جا ڊمپر لھرائي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. اسان جا نمائنده ھاڻي گھرن ۾ پوتيون ۽ چوڙيون پائي گھرن ۾ ويھي رھن. اسان پنھنجو ڪم پاڻ ڪرائي رھيا آھيون. ھنن کي شرم اچڻ گھرجي جيڪي ترقياتي ڪمن جا پيسا کائي وڃن ٿا پر تڪ ۾ ھڪ ڍڪڻ به لڳائي نٿا سگھن. علائقي واسي ، تفصيل موجب. ڪراچي سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي چار جمع بازار هان نور خان ڳوٺ تائين ٽنن جي صورت ۾ پيل ڪچري کي نيٺ ڳوٺاڻن پنھنجي مدد تحت ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو. ان موقعي تي ڳالھائيندي عبدالحميد پٺاڻ. پرويز گوپانگ. برڪت علي اوڍو. مراد سوڍر. مشتاق چانڊيو. حاجي نواز. اسمائيل عرف لاھوتي ۽ ٻين چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا عثمانيه سوسائٽي کي شڪايت ڪئي ھن ٻڌايو ته ھتان جو ڪاؤنسلر اسان کان صفائي جي نالي تي پيسا وٺي ويو آھي. ھاڻي ھو صفائي پاڻ ڪرائي. برساتن کانپوء مسلسل ھتي گندو پاڻي بيٺل آھي نور محمد ڳوٺ کان جمع بازار تائين ڪچرو کڻڻ ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء ڪو تيار نه ھيو جنھن لاء اسين پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪچرو کڻائي گندو پاڻي نيڪال ڪرائي رستي ۾ مٽي لھرائي آھي. ھنن جو چوڻ جو ته ھتان جا نمائنده صرف ڦوٽو سيشن تائين محدود آھن علائقي جو ڪو ڪم ڪرائڻ لاء تيار ناھن جو رڳو صحافين کي ھرجاڻي جا نوٽيس ڏئي حراسان ڪرڻ ڃاڻين ٿا.