پرائمري اسڪولن ۾ ڊي سي شڪارپور، ايس ايس پي ۽ ڊي اي او پرائمري پاران ڪتاب ورهايا ويا
شڪارپور (احسان ابڙو) ضلعي انتظاميا پاران شڪارپور جي ڳڙھي تيغو جي آس پاس رهندڙ غريب ڳوٺاڻن جي بيمارين لاءِ ايمبولينس جي ٿرو مفت علاج ۽ پرائمري اسڪولن ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي اي او پرائمري شڪارپور پڻ ڪتاب ورهايا۔تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ، ونگ ڪمانڊر رينجرس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ جي هدايت تي ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جي اڳواڻيءَ ۾ شڪارپور جي ڳڙھي تيغو ۽ ڀرپاسي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف هلندڙ آپريشن جي ڪري جيڪي ڀرپاسي جا ڳوٺ ۽ اتان جو عوام جيڪو متاثر ٿيو آھي ۽ اتان جا اسڪول اتان جون اسپتالون ۽ اتي ميڊيڪل جي ڪا سهولت موجود ڪونه هئي۔ ضلعي انتظاميا ان صورتحال کي مدنظر رکندي صحت کاتي شڪارپور جون ٽيمون ۽ موبائل سروسز ۽ ڊي اي او پرائمري سعدالله ڀيو پنهنجي استادن سميت ڳڙھي تيغو ۾ ھلندڙ آپريشن دوران ڪچي جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ سرڪاري ڪتاب کڻي اتان جي اسڪولن ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ۽ ايس ايس پي شاهزيب احمد چاچڙ ۽ ڊي اي او پرائمري سعدالله ڀيو ٻارن کي ڪتاب پڻ ورهايا۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته ڪچي جي ڀرپاسي جا ڳوٺ جيڪي هن آپريشن سان متاثر ٿين ٿا۔ انهن کي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ۽ ايس ايس پي شڪارپور يقين ڌهاني ڏياري ته عوام الناس جي جان و مال جو پورو پورو تحفظ ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به ڳوٺاڻي مرد يا عورت کي ڪنهن به قسم جي بيماري آ يا ٻيو ڪو مسئلو صحت جي حوالي سان آھي۔ انهن کي صحت کاتي طرفان موبائل سروسز جي ٿرو ڪچي جي آس پاس رهندڙ غريب ڳوٺاڻن کي بيماريءَ جون مختلف ٽيسٽون وغيره ڪري انهن کي ان بيماريءَ جو مفت علاج پڻ ڏنو ويو۔ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته جيڪي اتي اسپتال يا بي ايڇ يو سينٽر آھن اتي بيمار ماڻھن کي آندو وڃي ته جيئن غريب ڳوٺاڻن جو علاج ٿي سگهي۔ هن چيو ته جيڪي ڳوٺاڻا ڪچي جي آس پاس رهن ٿا انهن کي بيماريءَ جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪابه تڪليف درپيش نه اچڻ کپي۔ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته جيئن ڪنهن به ٻار جي اسڪول جو زيان نه ٿئي۔ هن آپريشن جي حوالي سان چيو ته اسڪول پنهنجا اتي ئي هلندا رهن ۽ هن چيو ته معصوم ٻارن جي پڙهائي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن معصوم ٻارڙا پڙھي پنهنجي منزل تي پڄن ۽ ملڪ دشمن ڌاڙيل جيڪو آپريشن هلي ٿو ۽ پوليس سان ضلعي انتظاميا ۽ تمام ادارا انهن سان گڏ آھن۔
0 تبصرے