مورو ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: ايس ايڇ او اسد النبي کچي

ڪنھن بہ ڏوھاري کي شھر اندر ڏوھ ڪرڻ جي ڪابه اجازت نه ڏني ويندي

مورو ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: ايس ايڇ او اسد النبي کچي

مورو (جاني جماڻي) مورو ايس ايڇ او اسد النبي کچي ۽ 15 پوليس مددگار انچارج صدام کوکر مورو شھر اندر امن امان کي برقرار رکڻ لاء شھر اندر پوليس گشت وڌائي ڇڏيو جڏھن ته شھر اندر ايندڙ چونڪ چوراھن تي پوليس جي سنيپ چيڪنگ جو عمل پڻ جاري آھي ايس ايڇ او اسد النبي کچي، صحافي جاني جماڻي صحافي عارف يوسفزئي سان ڳالهندي چيو ته شھر اندر امن امان ڪرائڻ اسان جي اولين ترجيح آھي ڪنھن بہ ڏوھاري کي شھر اندر ڏوھ ڪرڻ جي ڪابه اجازت نه ڏني ويندي شھرين کي ڪابه شڪايت آھي ته بروقت اطلاع ڪن ته جيئن ڏوھاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪري سگھجي،