English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: سھراب ڳوٺ ٽائون پيرس نه پر گندي پاڻي جو ڏيک ڏيڻ لڳو، گٽرن جا منھن کليل، عوام کي ڏکيائيون پيش
views
|
28th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
يوسي 4 لاسي ڳوٺ ۾ صحت تعليم. سيوريج لائين. گيس بجلي. صفائي سٿرائي جو فقدان. چونڊيل نمائندن ٻوٽو نه ٻاريو
ڪراچي(رپورٽر اعجاز چانڊيو) سھراب ڳوٺ ٽائون پيرس نه پر گندي پاڻي ھيٺ. گٽرن جا منھن کليل. عوام کي ڏکيائيون پيش. يوسي 4 لاسي ڳوٺ ۾ صحت تعليم. سيوريج لائين. گيس بجلي. صفائي سٿرائي جو فقدان. چونڊيل نمائندن ٻوٽو نه ٻاريو. سھراب ڳوٺ ٽائون جي لاء آيل فنڊ مان صرف من پسند علائقن کي نوازيو ويو. گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي بيھجي ويو. تفصيل موجب. سهراب ڳوٺ ٽائون مسئلن جو ڳڙھ بڻجي ويو, يوسي چار لاسي ڳوٺ مسئلن جي ور چڙھي ويو ,صحت , تعليم. سيوريج لائين ,گئس, بجلي. اسٽريٽ لائيٽنگ ,صفائي سٿرائي جو فقدان, ترقياتي ڪمن لاء آيل ڪروڙين روپين جا فنڊ ڪاغذي ڪاروائي ۽ فائلن تائين محدود هر گهٽي چونڪ چوراھن روڊ ۽ رستن تي پاڻي جا تلاء لڳي ويا. ايوب ڳوٺ جي پراڻي پوليس چوڪي کان لاسي ڳوٺ جي ڀٽاڻي چوڪ تائين صاف پاڻي جون لائنن جا ليڪيج بند نه ٿي سگھيا. مين روڊن تي پاڻي جا تلاء لڳي ويا. رهواسين جو ميئر ڪراچي مرتضي وھاب کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو تفصيل موجب, سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي جون سنڌي وسنديون چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳيون. ترقياتي ڪم لاء آيل ڪروڙين روپين جا فنڊ ڪرپشن جي نظر ٿي ويا. چيئرمين سهراب ڳوٺ ٽائون سنڌي آبادين کي نظرانداز ڪري ذات پرستي واري پاليسي اختيار ڪندي سهراب ڳوٺ ٽائون جي لاء آيل فنڊ صرف من پسند علائقن ۾ ڪرائڻ لڳو,سنڌي وسندين ۾ اليڪشن کان اڳ پاڻي سيوريج ,پيور بلاڪ روڊ ۽ ٻين ڪمن جا اعلان ڪندڙ چونڊجي اچڻ کانپوء عوام کي ڪو لاڀ نه ڏئي سگھيا. ٽائون چيئرمين عوام کي سوشل ميڊيا تي سيلفيون ڪڍندي وڏا وڏا اعلان ڪندي احسن آباد ۽ سوسائٽين کي خوش ڪرڻ لاء لوڪل ۽ سستا اسٽريٽ لائيٽس لڳرائي فوٽو سيڪشن ۾ نظر اچڻ لڳو. علائقن ۾ لڳل اسٽريٽ لائٽون هڪ هفتي اندر خراب ٿيڻ لڳيون. لاسي ڳوٺ سميت ڪنهن به سنڌي ڳوٺ ۾ ڪو خاص ترقياتي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو. سيوريج لائين ناڪارا گٽرن جو گندو پاڻي هر چند ڏينهن بعد لاسي ڳوٺ جي مين بازار ۽ ايس ٽو اسٽاپ ڀرسان روڊ رستن تي بيهجي وڃڻ معمول بنثجي ويو. 60 ڏينهن ۾ سهراب ڳوٺ ٽائون کي پيئرس بنائڻ جي واعدي کان پوء هاڻي وري ماڊل ٽائون بنائڻ وارو چيئرمين سوشل ميڊيا تي فوٽو سيشن ۾ پورو ٿي ويو. سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي جون سنڌي وسنديون ڪامورن ۽ چونڊيل نمائدن جا چوڳ گاھ بڻيل، ڪروڙين روپين جا فنڊ هڙپ سنڌي وسندين کي نظر انداز ڪيو ويو آھي ,منظور ٿيل ڪروڙين روپين جا فنڊز ھڙپ ڪاغذي ڪاروائي ۽ فائلن تائين مۡحدود،گذريل 35 سالن کان ڪي به ترقياتي ڪم نه ڪرايا ويا آھن. ايوب ڳوٺ ٽو لاسي ڳوٺ روڊ جو ڪم رولهڙي جو شڪار ٿي ويو مين بازار لاسي ڳوٺ جو پيور بلاڪ وارو ٺھيل روڊ ھنڌان ھنڌان اکڙي ويو گٽرن جو گندو پاڻي مين مارڪيٽ ۾ ڪاھي پيو. علائقي ۾ سالن کان مڇر مار اسپري نه ٿيڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو. رهواسي مختلف بيمارين مليريا. ڊينگي. خارش. چڪن گونيا سميت ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ويو. رهواسين نيب, اينٽي ڪرپشن سميت ٻين ادارن ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري, وزيراعلي سنڌ سميت مرڪزي قيادت کان مطالبو ڪيو ته سھراب ڳوٺ ٽائون چيئرمين خلاف نوٽيس وٺي. سھراب ڳوٺ ٽائون جي سنڌي وسندين ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي عوام مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ,
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
سھراب ڳوٺ ٽائون
0 تبصرے