ٺٽو: ڳوٺاڻا فحاشي جي اڏي خلاف پريس ڪلب پهچي ويا

علائقي ۾ ڏينهن رات فحاشي جا اڏا هلندڙ آهن، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: رهواسي

ٺٽو: ڳوٺاڻا فحاشي جي اڏي خلاف پريس ڪلب پهچي ويا

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)مڪلي ورڪشاپ جي علائقي ڳوٺ ڪارو ميربحر ۽ آس پاس جي رھواسين مشتاق شاه ، اڪبر پٺاڻ ، ناليواري عوامي فنڪار عرس ناريجو ، پرويز بروهي ، عطا محمد خشڪ ، حاجي ابراهيم بروهي ، احسان بروهي ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ٺٽو پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ گذريل ڳچ عرصي کان وٺي عورتن جي ھڪ ٽولي علائقي ۾ ھڪ وڏو فحاشي جو اڏو قائم ڪري ورتو آھي جنھن ۾ ڏينھن رات فحاشي جو ڌنڌو ھلندو رھي ٿو جنھن سبب اسان سخت پريشان آھيون ، ھنن جو چوڻ ھو ته اسين عزت وارا شريف شھري آھيون ، ھنن بد ڪردار عورتن جي ٽولي اڏو قائم ڪري اسانکي کي سخت ذھني اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي ، ھر وقت اوباش ۽ بدڪردار مردن عورتن جي اچ وڃ جاري رھي ٿي جنھن سان اسان غير محفوظ بڻجي ويا آھيون حالت اھا آھي جو اسين پنھنجي نياڻين کي اسڪول به نٿا موڪلي سگھون ھنن ايس ايڇ او مڪلي ۽ ايس ايس پي ٺٽو ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي تہ فحاشي جو اڏو ھلائيندڙ عورت جيڪا سوشل ميڊيا تي پاڻ کي پوليس وردي پھري پوليس واري ظاھر ڪري ٿي ۽ اسان کي خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿي تنھن خلاف فوري ڪارروائي ڪري علائقي مان فحاشي جو اڏو بند ڪرايو وڃي