ضلعي عمرڪوٽ جي پرائمري توڙي سيڪنڊري سرڪاري اسڪولن ۾ تدريسي ڪتابن جي ورھاست جو جائزو ورتو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ ھاء ڪورٽ جي ھدايتن تحت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران ضلعي عمرڪوٽ جي پرائمري توڙي سيڪنڊري سرڪاري اسڪولن ۾ تدريسي ڪتابن جي ورھاست جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتابن جي ورھاست دوران کوٽ سبب پنھنجون ذاتي ڪوششون وٺندي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي انتظاميه کي ھدايت ڪندي چيو تہ ضلعي عمرڪوٽ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تدريسي ڪتابن جي کوٽ جو پورائو ڪيو وڃي، جنھن بعد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ جي نگراني ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو پاران اماڻيل پرائمري توڙي سيڪنڊري سرڪاري اسڪولن جي ڪتابن جي ٻن ٽرڪن کي تعليم کاتي جي آفيسرن حوالي ڪيائين، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران تعليم کاتي جي آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو تہ سرڪاري اسڪولن ۾ داخل سمورن ٻارڙن کي تدريسي ڪتاب ڏنا وڃن، ھن چيو ته انھي عمل ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪوتاهي کي هرگز برداشت نہ ڪيو ويندو ۽ غلفت ڪندڙ ملازمن جي خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ پاران مختلف سرڪاري اسڪولن جو پڻ دورو ڪيو ويو، جتي ٻارڙن جي تعليم توڙي صفائي سٿرائي جو نظام پڻ چيڪ ڪيو ويو.
0 تبصرے