English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
26هين ترميم ملڪ ۽ قوم لاءِ هاڃيڪار آهي، ان خلاف عوامي توڙي قانوني جدوجهد جاري رهندي؛ ڪاشف سعيد شيخ
173 views
|
28th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
71فيصد گيس ۽ 57 فيصد تيل ڏيڻ باوجود هتان جا ماڻهو بُک، بدحالي ۽ محرومين جو شڪار آهن
جيڪب آباد (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته 26هين ترميم ملڪ ۽ قوم لاءِ سخت هاڃيڪار آهي، حڪمرانن اهو سڀ ڪجهه پنهنجي مرضي جا جج ۽ فيصلا وٺڻ لاءِ ڪيو آهي، جماعت اسلامي ان ملڪ دشمن ترميم خلاف قانوني ۽ عوامي جدوجهد جاري رکندي، خوشحال سنڌ 71فيصد گيس ۽ 57 فيصد تيل ڏيڻ باوجود هتان جا ماڻهو بُک، بدحالي ۽ محرومين جو شڪار آهن، اڄ به سنڌ ۾ 70لک ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر ۽ گيراجن ۾ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن اهو سڀ ڪجهه نااهل ۽ ڪرپٽ قيادت کي عوام مٿان مسلط ڪرڻ جو نتيجو آهي.
پ پ سنڌين کان ووٽ تہ وٺي وڃي ٿي پر عوام جا اهنج ختم ڪرڻ توڙي ترقياتي ڪم ڪرڻ ته پنهنجي هنڌ رھيا ويتر اقتدار خاطر سنڌ جي مفادن جو سودو ڪري ٿي ڇڏي ارسا ائڪٽ ۾ ترميم ان جو چٽو مثال آهي. جماعت اسلامي هڪ ديني، اصولي ۽ جمهوري پارٽي آهي جنهن جون مقامي جماعتن کان وٺي مرڪزي امير تائين باقاعده چونڊون ٿينديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال جيڪب آباد ۾ رٿيل آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نئين چونڊيل اميرضلع جيڪب آباد ابو بڪر سومرو پنهنجي ذميواري جو قسم کنيو، اڳوڻو امير حاجي ديدار لاشاري، امداد الله بجاراڻي، هدايت الله رند ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.
ان کان اڳ ۾ سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي وئي.
ڪاشف سعيد شيخ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته جماعت اسلامي هميشه سنڌ جي هر ٻرندڙ اشو تي آواز اُٿاريو آهي، سنڌوءَ مان ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف ڪراچي کان بدين تائين “ درياهه بچايو مارچ” ۾ جماعت اسلامي جي قيادت ۽ ڪارڪنن ڀرپور شرڪت ڪئي.
پ پ کي چوٿون ڀيرو اقتدار مليو آهي، پر سنڌ وري به ساڳيو سورن ۾ آهي، سنڌ ۾ صرف ڪرپشن ۽ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، معصوم ٻارڙن سميت بزرگن ۽ نوجوانن کي اغوا ڪري تشدد واريون وڊيوز اپ لوڊ ڪري سندن وارثن کان ڳرا ڀُنگ وصول ڪيا پيا وڃن، پر سنڌ پوليس ۽ آءِ جي غلام نبي ميمڻ فقط حڪمرانن جي چوڪيداري ۾ مصروف آهن، عوام جو ڪوبه والي وارث ڪونهي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ صوبي سميت سڄي ملڪ جي مڙني مسئلن جو حل ديانتدار قيادت ۽ سٺي حڪمراني سان ئي ممڪن ۽ تقدير بدلجي سگهجي ٿي جنهن لاءِ جماعت اسلامي روز اول کان جدوجهد ڪري رهي آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو عوام بار بار آزمايل سياستدانن بدران جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي ته جيئن سندن دردن جو درمان ٿي سگهي.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪاشف سعيد شيخ
سنڌ جي امير
جماعت اسلامي
0 تبصرے