English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
26هين ترميم ملڪ ۽ قوم لاءِ هاڃيڪار آهي، ان خلاف عوامي توڙي قانوني جدوجهد جاري رهندي؛ ڪاشف سعيد شيخ
views
|
28th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
71فيصد گيس ۽ 57 فيصد تيل ڏيڻ باوجود هتان جا ماڻهو بُک، بدحالي ۽ محرومين جو شڪار آهن
جيڪب آباد (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته 26هين ترميم ملڪ ۽ قوم لاءِ سخت هاڃيڪار آهي، حڪمرانن اهو سڀ ڪجهه پنهنجي مرضي جا جج ۽ فيصلا وٺڻ لاءِ ڪيو آهي، جماعت اسلامي ان ملڪ دشمن ترميم خلاف قانوني ۽ عوامي جدوجهد جاري رکندي، خوشحال سنڌ 71فيصد گيس ۽ 57 فيصد تيل ڏيڻ باوجود هتان جا ماڻهو بُک، بدحالي ۽ محرومين جو شڪار آهن، اڄ به سنڌ ۾ 70لک ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر ۽ گيراجن ۾ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن اهو سڀ ڪجهه نااهل ۽ ڪرپٽ قيادت کي عوام مٿان مسلط ڪرڻ جو نتيجو آهي.
پ پ سنڌين کان ووٽ تہ وٺي وڃي ٿي پر عوام جا اهنج ختم ڪرڻ توڙي ترقياتي ڪم ڪرڻ ته پنهنجي هنڌ رھيا ويتر اقتدار خاطر سنڌ جي مفادن جو سودو ڪري ٿي ڇڏي ارسا ائڪٽ ۾ ترميم ان جو چٽو مثال آهي. جماعت اسلامي هڪ ديني، اصولي ۽ جمهوري پارٽي آهي جنهن جون مقامي جماعتن کان وٺي مرڪزي امير تائين باقاعده چونڊون ٿينديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال جيڪب آباد ۾ رٿيل آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نئين چونڊيل اميرضلع جيڪب آباد ابو بڪر سومرو پنهنجي ذميواري جو قسم کنيو، اڳوڻو امير حاجي ديدار لاشاري، امداد الله بجاراڻي، هدايت الله رند ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.
ان کان اڳ ۾ سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي وئي.
ڪاشف سعيد شيخ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته جماعت اسلامي هميشه سنڌ جي هر ٻرندڙ اشو تي آواز اُٿاريو آهي، سنڌوءَ مان ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف ڪراچي کان بدين تائين “ درياهه بچايو مارچ” ۾ جماعت اسلامي جي قيادت ۽ ڪارڪنن ڀرپور شرڪت ڪئي.
پ پ کي چوٿون ڀيرو اقتدار مليو آهي، پر سنڌ وري به ساڳيو سورن ۾ آهي، سنڌ ۾ صرف ڪرپشن ۽ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، معصوم ٻارڙن سميت بزرگن ۽ نوجوانن کي اغوا ڪري تشدد واريون وڊيوز اپ لوڊ ڪري سندن وارثن کان ڳرا ڀُنگ وصول ڪيا پيا وڃن، پر سنڌ پوليس ۽ آءِ جي غلام نبي ميمڻ فقط حڪمرانن جي چوڪيداري ۾ مصروف آهن، عوام جو ڪوبه والي وارث ڪونهي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ صوبي سميت سڄي ملڪ جي مڙني مسئلن جو حل ديانتدار قيادت ۽ سٺي حڪمراني سان ئي ممڪن ۽ تقدير بدلجي سگهجي ٿي جنهن لاءِ جماعت اسلامي روز اول کان جدوجهد ڪري رهي آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو عوام بار بار آزمايل سياستدانن بدران جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي ته جيئن سندن دردن جو درمان ٿي سگهي.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪاشف سعيد شيخ
سنڌ جي امير
جماعت اسلامي
0 تبصرے