English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جماعت اسلامي طرفان ڪشمير تي قبضي توڙي ڀارتي ظلم خلاف سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو
views
|
27th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪارو ڏينهن ملهايو ويو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمٰن جي سڏ تي آچر ڏهاڙي ڪشمير مٿان غاصباڻي قبضي ۽ ڀارتي ظلم خلاف جماعت اسلامي سنڌ پاران ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. جماعت اسلامي سنڌ جي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ان ڏس ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، ڪنري شهدادڪوٽ، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، ٽنڊوآدم، ٿرپارڪر ميرپورخاص، بدين ۽ ٽنڊومحمد خان سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پريس ڪلبن آڏو احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون جن ۾ شريڪ مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي ڀارت خلاف نعرا لکيل هئا جڏهن ته شرڪاء “ ڪشمير جي آزادي تائين جنگ رهندي جنگ رهندي، ڀارت جي بربادي تائين جنگ رهندي جنگ رهندي، ڀارت جو هڪ علاج الجهاد الجهاد” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ هڻي رهيا هئا. اڳواڻن خطاب ڪندي گهر ڪئي ته عالمي ضمير توڙي انساني حقن جا ادارا نوٽس وٺي ڪشمير کي ڀارتي قبضي ۽ ڪشميري عوام مٿان ٿيندڙ ظلم جي خاتمي سميت انهن کي آزاد ۽ خودمختيار زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال کان پريس ڪلب تائين ٿيندڙ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر1947ع کان ڪشمير تي زوري قبضو ڪري ظلم ۽ جبر جي انتها ڪري ڇڏي آهي، مودي سرڪار ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري عملي طور 1909ڏھاڙن کان ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن آمريڪا سميت نام نهاد انساني حقن جي دعويدارن طرفان يوڪرين کي پنهنجي آزادي لاءِ ويڙهه کي روس خلاف حق دفاع قرار ڏيڻ ۽ ڪشمير توڙي فلسطين جي مجاهدين کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اهڙي منافقاڻي رويي سان عالمي طاقتن جو ٻٽو معيار واضح ٿئي ٿو. تاريخي طور ڪشمير تائين سنڌ آھي ڀارت پاڻي روڪي سنڌ کي بنجر بنائڻ گھري ٿو. انڪري سنڌ جي عوام جون دليون ڪشميري عوام سان گڏ ڌڙڪن ٿيون.ڪاشف سعيد شيخ گهر ڪئي ته عالمي ضمير، انساني حقن جون تنظيمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺن ۽ اقوام متحده جي منظور ڪيل قراردادن موجب ڪشميري عوام کي حق خوداراديت جو موقعو ڏنو وڃي. ان موقعي تي مقامي اڳواڻن ديدار علي لاشاري، امداد الله بجاراڻي، ابوبڪر سومرو پڻ خطاب ڪيو. هوڏانهن ڪنڌڪوٽ گهنٽه گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهري کي صوبائي اڳواڻ حافظ نصرالله چنا خطاب ڪندي چيو ته ڪشميري عوام جي جدوجهد ۽ قربانيون هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائينديون ۽ ڪشمير ڀارتي قبضي مان جلد آزاد ٿيندو. مظاهري کي ضلعي امير غلام مصطفى ميراڻي، عمر فاروق چنا ۽ عبيدالله گولو پڻ خطاب ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ کان پريس ڪلب تائين رٿيل مظاهري کي ضلعي امير نادر علي کوسو، قاري ابو زبير جکرو ۽ مقامي امير رميز راجا شيخ خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير اسان جو اڻ ٽٽ حصو آهي، جنهن تي اسان جو ازلي دشمن هندستان قيام پاڪستان کان وٺي قابض ٿي مسلمانن جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي ۽ اسان جا حڪمران ۽ فوج پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ بجاءِ خاموش تماشائي بڻيل آهن. اهڙي حالت ۾ ملڪ جي عوام کي سجاڳي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي حصي جو ڪم پاڻ کي ڪرڻو پوندو. ڪشميري عوام لاءِ آواز اٿارڻ ۽ انهن سان يڪجهتي ڪرڻ اسان جي قومي ۽ مذهبي ذميواري آهي جيڪا اسان پوري ڪنداسين. ڪشمير جو مسئلو ڀارت جي هٺ ڌرمي ۽ تڪبر جي هن خطي جو سڀ کان وڏو مسئلو چڪو بڻجي آهي، انڪري ڀارت خلاف هر محاذ تي جدوجهد ڪري پنهنجي مظلوم مسلمان ڀائرن جي آزادي ۽ کين ظلم ۽ ڏاڍ کان نجات ڏيارڻ جو اسان اڄ وچن ڪريون ٿا. جماعت اسلامي ٽنڊومحمد خان پاران الفتاح چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ ڀارتي قبضي خلاف يومِ سياهه ملهائڻ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن کي خطاب ڪندي صوبائي اڳواڻ مولانا عبدالقدوس احمداڻي چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع حقيقت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڀارت جي ورڇ جي منصوبي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي خودمختياري جي سراسر خلاف ورزي ڪندي جعلي الحاق جي آڙ ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي فوج چاڙهي هئي. مودي سرڪار پاران 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ۽ آئيني ضمانتن جي منسوخي خلاف احتجاج ڪندڙ هزارين ڪشميري اڄ به جيلن ۾ بند ۽ پوري وادي جيل جو منظر پيش ڪري رهي آهي.نريندرا مودي سرڪاربي جي پي جي هندوتوا پاليسين تي عمل ڪندي والاريل ماٿري جي مسلم اڪثريتي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ هندو آبادي کي ڪشمير ۾ رهائشي حق ڏئي رهي آهي. ڀارتي فاشسٽ حڪومت پاران ڪشمير ۾ صحافت جي آزادي، اظهار راءِ جي آزادي ۽ انٽرنيٽ سميت سمورين آزادين ۽ بنيادي حقن تي پابندي لاڳو آهي جڏهن ته هزارين ڪشميري جيلن ۾ قيد آهن ۽ حريت اڳواڻن کي حراست دوران شهيد ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي ضلعي امير حافظ لعل محمد سولنگي، عامر منصوري ۽ اڪرم بيگ پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: بشریٰ بی بی کو عدالت سے گرفتار کر لیا گیا، القادر یونیورسٹی کو سرکاری تحویل میں لینے کا حکم
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: 190 ملین پاؤنڈ کیس، پی ٹی آئی کے بانی عمران خان اور بشریٰ بی بی کو سزا
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽي جو دورو
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ اجمير نگر پوليس تي 2 لک نه ڏيڻ تان نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جو الزام
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بئاڻڻ جي سازش آهي: ف ليگ اڳواڻ
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول: ڊي سي زاهد حسين رند جي صدارت هيٺ اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جماعت اسلامي
ڪشمير
Kashmir
india
0 تبصرے