English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ "پڙاڏو سوئي سڏ" جي عنوان سان "پنجون لطيف لٽريچر اينڊ ميوزڪ فيسٽيول" اڄ ٿيندو
views
|
25th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران مختلف ويھڪن تي ٻڌل فيسٽيول لاءِ تياريون مڪمل
ٽنڊوڄام (رپورٽر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران "پڙاڏو سوئي سڏ" جي عنوان سان "پنجون لطيف لٽريچر اينڊ ميوزڪ فيسٽيول" ڇنڇر تي منعقد ڪيو ويندو، مختلف ويھڪن تي ٻڌل فيسٽيول لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ميزباني ھيٺ ۽ سنڌ حڪومت تي ثقافتي کاتي جي سھڪار سان پنجون لطيف لٽريچر اينڊ ميوزڪ فيسٽيول ڇنڇر تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي مک آڊيٽوريم ھال ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي، جنھن ۾ افتتاحي تقريب، فڪري ويهڪون، مھورت، ناٽڪن سميت مختلف ويھڪون ٿينديون، افتتاحي سيشن دوران ڀٽائي جي فقيرن پاران وائي سان شروعات ڪئي ويندي، جتي شرجيل انعام ميمڻ، سيد ذوالفقار علي شاھ، سردار محمد بخش مھر، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري، سليمان شيخ، ۽ عبدالحميد آخوند موجود هوندا، جڏھن تہ شبير ڪنڀر جي ڪتاب "سنڌو لکت ۽ سراج" جي مھورت ٿيندي، جنهن ۾ اياز لطيف پليجو، بختاور مظھر، ۽ ٻين ناميارن پاران مختلف موضوعن تي تقريرون ٿينديون، ٽئين ۽ آخري سيشن ۾ غزل صديق ميزباني ڪندي ۽ انيسه ميمڻ جو لکيل گيت "ڀلي تو ڄڻيون ڌيئر امان" پيش ڪيو ويندو. تقريب ۾ سراج ايوارڊ پڻ ورهايا ويندا، تقريب ۾ صوبائي وزير شاھد عبدالسلام ٿھيم، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ۽ ٻيا مھمان بہ ھوندا، جڏهن ته پروگرام جي آخر ۾ ميوزيڪل نائيٽ منعقد ٿيندي، جتي سيف سميجو، اختر درگاھي، نرملا مينگھواڻي، ۽ ٻيا راڳي پرفارم ڪندا، ان سلسلي ۾ مختلف تياريون مڪمل ڪيون پيون آھن، ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري پاران يونيورسٽي جي جوڙيل ڪاميٽين کان ڄاڻ ورتي ۽ پروگرام جي ڪاميابيءَ لاءِ مختلف ھدايتون پڻ جاري ڪيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٽنڊوڄام
سنڌ زرعي يونيورسٽي
سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز
پڙاڏو سوئي سڏ
پنجون لطيف لٽريچر اينڊ ميوزڪ
ميوزڪ فيسٽيول
music festival
sindh university
0 تبصرے