عمرڪوٽ ۾ وڏي وزير جي خاص معاون راجوير سنگهه سوڍو کي ترقياتي رٿائن بابت بريفنگ ڏني وئي

ڊي سي آفيس ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي انجنيئرن راجوير سنگهه سوڍو کي هلندڙ ۽ مڪمل ٿيل اسڪيمن بابت بريفنگ ڏني

عمرڪوٽ ۾ وڏي وزير جي خاص معاون راجوير سنگهه سوڍو کي ترقياتي رٿائن بابت بريفنگ ڏني وئي

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون راجوير سنگهه سوڍو کي ڊي سي آفيس عمرڪوٽ ۾ ضلعي عمرڪوٽ جي مختلف کاتن جي انجنيئرن پاران سنڌ حڪومت پاران مڪمل ڪيل توڙي هلندڙ ترقياتي رٿائن بابت بريفنگ ڏني وئي ملاقات ۾ شوڪت علي راڄپر (XEN Machinery & Maintenance)، وشال ڪمار (XEN Education Works)، حيدر شاهه (XEN PHED) پاران ضلعي ۾ جاري توڙي مڪمل ڪيل اسڪيمن بابت رپورٽ پيش ڪئي ان موقعي تي وڏي وزير جي معاون خاص راجوير سنگھ سوڍو آفيسرن کي هدايت ڪئي ته جن اسيڪمن جي بجيٽ ملي چڪي آهي، اهي اسڪيمون جلد کان جلد مڪمل ڪيون وڃن ھن چيو ته هو ڪجهه ڏينهن اندر ضلعي ۾ سنڌ حڪومت پاران شروع ڪرايل ترقياتي اسڪيمن جو جائزو وٺڻ لاءِ علائقي جو دورو ڪندو، جنهن جي تفصيلي رپورٽ وزيراعليٰ سنڌ کي پيش ڪئي ويندي ملاقات ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد احمد لاڙڪ ۽ ايس ايس پي عذير ميمڻ پڻ موجود هئا