نوشهروفيروز اسڪارپ ايريگيشن ايمپلائيز يونين جي ريفرنڊم ۾ شهيد اقبال لاڙڪ پئنل ڪامياب

ٻن پئنلن ۾ مقابلي دوران شهيد اقبال لاڙڪ 396 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي

نوشهروفيروز اسڪارپ ايريگيشن ايمپلائيز يونين جي ريفرنڊم ۾ شهيد اقبال لاڙڪ پئنل ڪامياب

نوشهرو فيروز(ڊ ر)اسڪارپ ايريگيشن ايمپلائيز يونين جي ريفرنڊم ۾ شهيد اقبال لاڙڪ جي زبردست ڪاميابي، نوشهرو فيروز ۾ ٻن پئنلن الشهباز پئنل ۽ شهيد اقبال لاڙڪ پئنل ۾ مقابلو ٿيو. شھيد اقبال لاڙڪ پئنل 396 ووٽ کڻي وڏي ليڊ تي ڪامياب ٿيو جڏھن ته الشھباز پئنل 135 ووٽ کنيا. شھيد اقبال پئنل جي صدارتي عھدي تي ساگر يوسف منگي ۽ جنرل سيڪريٽري جي عھدي تي وقار اقبال لاڙڪ جي ڪاميابي تي جشن ملهايو ويو ۽ نوشھرو فيروز اسڪارپ ڪالوني کان پورهيتن وڏي ريلي ڪڍي شھيد اقبال لاڙڪ جي قبر تي چادر چاڙھي. ٻئي پاسي کٽيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي ان موقعي تي چونڊيل صدر ساگر يوسف منگي ۽ جنرل سيڪريٽري وقار اقبال لاڙڪ سڀني ميمبرن جو شڪريو مڃيو ۽ چيو ته اھا شھيد اقبال لاڙڪ جي محنت ۽ سچائي ھئي جو ايريگيشن ملازمن اسان کي ايترا ووٽ ڏنا اھا ڪاميابي ايريگيشن جي سڀني ملازمن جي ڪاميابي آھي اسان کي جن ووٽ ڏنو انھن جي به مھرباني جن نه ڏنو انھن جي به مھرباني اسان سڀني دوستن جا خادم آھيون اسان جا ھر ڪنھن ايريگيشن جي ملازمن لاءِ 24 ڪلاڪ دروازا کليل ھوندا اسان سندن ھر ڏک سک ۾ سندن ساٿ ڏينداسين اھو شھيد اقبال لاڙڪ جو منشور آھي هوڏانهن پوري سنڌ جي پورهيتن سياسي سماجي ورڪرن صحافين پاران مبارڪباد جو سلسلو جاري اسڪارپ آفيس ۾ روهڙي ڪنڊيارو دادو مورو نوشهرو فيروز سميت ٻين هنڌن تان دوست سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ لونگي ۽ گلن جا هارا کڻي عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون جن ۾ يونس راڄپر امجد ميمڻ خادم سيال فقير اياز منڱريو عنايت سومرو رمضان ڀنڀرو غلام گانگهرو خالد ڀٽي نظير گهانگهرو شهزادو راشد ڀٽي شوڪت چانڊيو رحمت کوکر صبور مبيجو نعيم جتوئي حبيب خاصخيلي ڪريم بخش چانڊيو محمد خان مشوري ساگر سھيل منگي سڪندر جروار سهيل راڄپر حسنين چنه اسماعيل راڄپر ۽ ٻيا شامل هئا