ملازمن جا مسئلا قاعدن ۽ ضابطن موجب ترجيحي بنيادن تي فوري طور تي حل ڪيا وڃن: رياض احمد صديقي
سجاول (گلشيرميربحر) ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ٺٽو پاران حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ کليل ڪچھري منعقد -ريجنل ڊائريڪٽر محتسب رياض احمد صديقي پاران حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پينشن، جي پي فنڊ، گريجوئٽي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس سجاول ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب رياض احمد صديقي لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملي کي هدايت ڪئي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جا مسئلا قاعدن ۽ ضابطن موجب ترجيحي بنيادن تي فوري طور تي حل ڪيا وڃن - ھن چيو ته وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي وڃي ته ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون وڃن - ان موقعي تي مختلف کاتن جي آيل رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن جا مسئلا ٻڌا ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب لاڳاپيل آفيسرن کي موقعي تي ئي هدايت ڪئي ته هو درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻن ته جيئن ملازمن کي پريشانين کان بچائي سگهجي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر عبدالله جاکھرو چيو ته اسان جي آفيس جا دروازا ملازمن ۽ عوام لاءِ هر وقت کليل آهن ۽ اسان ريٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن جا مالياتي صلاحڪار طور ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن سندن بنيادي مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن. کليل ڪچھري ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس سميت مختلف کاتن جا عملدار ، عملي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي –
0 تبصرے