سنڌ جي نئين امير ڪاشف سعيد شيخ حلف کڻي ورتو

ملڪ هن وقت نازڪ ترين ۽ تقسيم در تقسيم واري ڀيانڪ دور مان گذري رهيو آهي، ڊاڪٽر اُسامه رضي

سنڌ جي نئين امير ڪاشف سعيد شيخ حلف کڻي ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير ڊاڪٽر اُسامه رضي چيو آهي ته ملڪ هن وقت نازڪ ترين ۽ تقسيم در تقسيم واري ڀيانڪ دور مان گذري رهيو آهي، اهڙين حالتن ۾ جماعت اسلامي جو موقف چٽو آهي ته اسلام ۽ پاڪستان تي ڪنهن به قسم جو ڪمپرومائز نٿي ڪري سگهجي چاهي حالتون اندرني توڙي بيروني دٻاءُ جي ڪري ڪيتريون به خراب ڇو نه هجن.

اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي نئين چونڊيل امير جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.ان کان اڳ نئين چونڊيل امير ڪاشف سعيد شيخ ايندڙ ٽن سالن لاءِ نئين امير جي حيثيت سان حلف کنيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي جو سينئر اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو، ڪراچي جي امير منعم ظفر سميت ڪراچي کان ڪشمور تائين اڳواڻ توڙي ڪارڪن وڏي انگ ۾ شريڪ هئا.

ڊاڪٽر اُسامه رضي ڪاشف سعيد شيخ لاءِ دُعا ڪندي چيو ته سنڌ جي سياسي علائقي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ نوجوان اڳواڻ جي قيادت ۾ جماعت اسلامي باب الاسلام سنڌ ۾ دين جي غلبي واري جدوجهد کي اڃان وڌيڪ تيز ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته وچ اوڀر جي جنگ هاڻي ايران تائين پهچي چڪي آهي جيڪو پاڪستان جو پاڙيسري برادر ملڪ آهي، ٻي طرف اسان جا جنرل صحافين کي گهرائي پنهنجي هٿيارن کي ڪٽ لڳڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

ان صورتحال ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن جي ذميواري اڃان وڌي وڃي ٿي.ان موقعي تي اڳوڻي امير محمد حسين محنتي پنهنجي ڇهن سالن جي دور ۾ ٿيندڙ سرگرمين جو نچوڙ پيش ڪندي چيو ته انسان هجڻ جي ناتي خاميون ۽ ڪوتاهيون ضرور ٿيون هونديون پر وت آهر پنهنجو فرض ادا ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، جماعت اسلامي ملڪ جي واحد سياسي ۽ مذهبي جماعت آهي جيڪا موروثيت کان پاڪ آهي جتي قيادت جي تبديلي جو باقاعده طريقه ڪار موجود آهي. پروگرام جي ميزباني جا فرض ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد مسلم جڏهن ته مولانا اسدالله ڀٽو دُعا ڪرائي.