ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء ٻيھر ڪاھ، مزاحمت تي اھلڪار واپس، ڳوٺاڻن احتجاجي ڪيمپ لڳائي ورتي

نور محمد ڳوٺ قديمي ڳوٺ آھي، ان جا اسين وارث آھيون، اجھا ڪنھن به ريت ڊاھڻ ڪونه ڏينداسين: ڳوٺاڻا

ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء ٻيھر ڪاھ، مزاحمت تي اھلڪار واپس، ڳوٺاڻن احتجاجي ڪيمپ لڳائي ورتي

ڪراچي (اعجاز چانڊيو)ڪراچي اسڪيم 33 جي نور محمد ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء ھڪ ڀيرو ٻيھر اينٽي انڪروچمينٽ. روينيو. ضلع اوڀر جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ ڊاھڻ لاء پھچي وئي. اسٽنٽ ڪمشنر انور پنھور. ايس پي سھراب ڳوٺ. شوڪت شاھاڻي. ڊي ايس پي سھراب ڳوٺ سھيل فيض. ايس ايڇ او سائيٽ سپر ھاء وي شھزاده الياس مختلف ٿاڻن جي پوليس سان گڏ جن ۾ ليڊيز اھلڪارن بڪتر بند گاڏيون پڻ شامل ھيون. ڳوٺاڻن سخت مزاحمت ڪندي پوليس جي رستا روڪ ڪئي ۽ ڳوٺ ڊاھڻ نه ڏنو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن نور خان برفت. صفد علي ابڙو. رئيس ديدار چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪري احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ورتي. جنھن ۾ سوين ڳوٺاڻان عورتن ٻارن ٻچن سميت شرڪت ڪري بلڊر مافيا خلاف سخت نعري بازي ڪئي. جڏھن ته ڳوٺاڻن سان ايڪي جي اظھار لاء ايس ٽي پي ضلع اولھ جي صدر رجب مگسي نور محمد ڳوٺ جي رھواسين وٽ پھچي ويو. ان موقعي تي رجب مگسي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پ پ پ جي حڪومت ۾ سنڌي ڳوٺن کي ڊاھڻ واري سازش جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. اسڪيم 33 ۾ نور محمد ڳوٺ قديمي آھي علي ڳڙھ سوسائٽي بلڊر مافيا وارا پيسن عيوض سنڌي ڳوٺ خريد ڪرڻ چاھين ٿا. ايس ٽي پي ڳوٺاڻن سان گڏ آھي ۽ ھميشه ڳوٺاڻن جو ساٿ ڏنو ويندو. ان کان علاوه پاڪستان مسلم ليگ ن پي ايس 97 جي اڳواڻن شرافت ڀٽي. صابر شاھ احتجاجي ڪيمپ تي پھچي ڳوٺاڻن کي يقين ڏياريو ته مسلم ليگ ن ڪنھن به غريب جو گھر ڊاھڻ جي حق ۾ ناھي. اسين اوھان سان گڏ آھيون. ان حوالي سان ڳوٺاڻن چيو ته نور محمد ڳوٺ پنج ھزار گھرن تي مشتمل قديمي ڳوٺ آھي ان کي ڪنھن به ريت ڊاھڻ ڪونه ڏينداسين. بلڊر علي ڳڙھ سوسائٽي سنڌي ڳوٺن کي ڊاھڻ کان باز اچي. معاملي جو صدر آصف علي زرداري. سنڌ ھاء ڪورٽ. پ پ پ قيادت ۽ اعلي اختياريون نوٽيس وٺي سنڌي وسندين کي ڊاھڻ بدران پڪو ڪن.