ڊي اي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي، ڊپٽي ڊي اِي او پير محمد شاهه، مسعود سومرو، آفتاب احمد کهاوڙ ۽ ڪاشف شاهه شريڪ
لاڙڪاڻو (بيورو) لاڙڪاڻي ويجهو گورنمينٽ هاءِ اسڪول محراب سنديلو اسڪول ۾ والدين جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊي اي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي ، ڊپٽي ڊي اِي او پير محمد شاهه، هيڊ ڪلارڪ مسعود سومرو، ڊي سي ايم آفتاب احمد کهاوڙ ۽ ڪاشف شاهه شرڪت ڪئي.ڊي اي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي والدين کي خطاب ڪندي چيو ته سندن مقصد ٻارن جي تعليم آهي. هن چيو ته سندن مقصد آهي ته وڌ کان وڌ شاگردن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. هن واعدو ڪيو ته تعليم جي معيار کي نظر ۾ رکندي نئين ڀرتي واري عمل ۾ چار پي ايس ٽي استاد مقرر ڪيا ويندا. ڊي سي ايم آفتاب احمد کهاوڙ ڊي اي او پرائمري ۽ ڪميونٽي جي ميمبرن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سندن ويزن آهي ته هارين توڙي غريبن جا ٻار ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻجن، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غريب جا ٻار به آفيسر بڻجن. ڳوٺاڻن ڊي اي او پرائمري ۽ ڊي سي ايم هينڊز جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي حڪومت ۽ هينڊز پاڪستان پاران اسڪول جي بهترين انتظامن تي شڪريو ادا ڪيو.
0 تبصرے