English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ قدرتي آفتن جي روڪٿام ۽ بچاءُ جو عالمي ڏينھن ملھائڻ بابت تقريب منعقد
views
|
11th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ضلعي حڪومت ضلعي اندر ايندڙ قدرتي آفتن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار رھندي آئي آھي: منور عباس سومرو
ٺٽو(ڊ ر) سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن ۽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي طرفان قدرتي آفتن جي روڪٿام ۽ بچاءُ جو عالمي ڏينھن ملھائڻ بابت دربار ھال ڊي سي آفيس مڪلي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو ڳالھائيندي چيو تہ ضلعي حڪومت ضلعي اندر ايندڙ قدرتي آفتن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار رھندي آئي آھي. ھُن چيو تہ تازو ئي برساتن سبب جيڪو نقصان ٿيو ان جي ازالي ۽ حل لاءِ ڪوششون ڪيون آھن. ڊپٽي ڪمشنر ان ڳالھ تي زور ڀريو تہ مستقل بنيادن تي اھڙي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آھي تہ جيئن ايندڙ نقصانن کي وقتائتي نموني سان مُنھن ڏئي سگهجي. ھُن چيو تہ اين جي اوز سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي گهرجي تہ ھو نہ فقط قدرتي آفتن دوران پر عام ڏينھن ۾ پڻ پاڻ ۾ ويجهي رابطي ۾ رھندي قدرتي آفتن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار رھن تہ جيئن آفتن دوران نقصانن کان بچي سگهجي. ھُن چيو تہ طوفانن ۽ ٻوڏ سميت آفتن کان عوام کي تحفظ فراھم ڪرڻ لاءِ محفوظ پناھگاھون بڻائڻ وقت جي اھم ضروت آھي. ان موقعي تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن جاويد حسين ھالائي ڳالھائيندي چيو تہ طوفانن ۽ آفتن کان بچڻ لاءِ ساحلي پٽي تي اھڙا سينٽر ٺاھڻ گهرن جتي ماڻھن کي طوفانن ۽ ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ محفوظ بڻائي سگهجي. ان موقعي تي پروجيڪٽ مينيجر ايس سي ايف حميرا علي، پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر عبداللہ خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بھراڻي ۽ ٻين پڻ قدرتي آفتن جي روڪٿام ۽ بچاءُ بابت روشني وڌي. تقريب ۾ مختلف کاتن جي عملدارن ۽ اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن
ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي
منور عباس سومرو
0 تبصرے