سيشن ۽ ڊسٽرڪٽ جج تعليمي ضرورتن جي حوالي سان سهولتن جي کوٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالقدوس ميمڻ جو گرھوڙي لائبريري جو دورو، سهولتن جي کوٽ تي ڪاوڙ جو اظهار، تفصيلي خبر موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سيشن ججز کي عوامي لائبريرين جو دورو ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ عمرڪوٽ جي سيشن ۽ ڊسٽرڪٽ جج عبدالقدوس ميمڻ گرھوڙي لائبريري جو دورو ڪيو، دوري دوران لائبريري ۾ شاگردن جي مطالعي ۽ تعليمي ضرورتن جي حوالي سان سهولتن جي کوٽ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو، سيشن جج عبدالقدوس ميمڻ چيو ته هيءَ لائبريري هڪ علمي مرڪز بدران ڪتابن جي اسٽور جھڙي لڳي رهي آهي، ھن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ترت لائبريري ۾ انٽرنيٽ ۽ وائي فائي جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اضافي ڪمرا تعمير ڪيا وڃن ۽ صفائي سٿرائي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، ھن وڌيڪ چيو ته هڪ لائبريري جو مقصد صرف ڪتاب گڏ ڪرڻ نه آهي پر شاگردن ۽ مطالعي جي شوقينن کي هڪ مناسب ۽ پرسڪون تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ آهي، جتي هو ڀرپور فائدو وٺي سگهن، لائبريري کي بهتر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ ترت قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن هتي ايندڙ شاگردن ۽ محققن کي سهولتون ۽ وسيلا فراهم ٿي سگهن، انھيءَ دوري بعد لائبريري جي حالت ۾ سڌارن جي اميد ڪئي پئي وڃي، جيڪو شاگردن لاءِ هڪ مثبت قدم ثابت ٿيندو
0 تبصرے