اڄوڪو حرمت رسول ڪانفرنس جو اسٽيج مذهبي رواداري جو اسٽيج آهي جتي مختلف فرقن ۽ مختلف مذهبن جا عالم گڏ ويٺا آهن: راشيد محمود سومرو

جمعيت علماء اسلام پاران عمرڪوٽ ۾ حرمت رسول ڪانفرنس جي عنوان سان جلسو ڪوٺايو ويو

اڄوڪو حرمت رسول ڪانفرنس جو اسٽيج مذهبي رواداري جو اسٽيج آهي جتي مختلف فرقن ۽ مختلف مذهبن جا عالم گڏ ويٺا آهن: راشيد محمود سومرو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جمعيت علماء اسلام پاران عمرڪوٽ ۾ حرمت رسول ڪانفرنس جي عنوان سان جلسو ڪوٺايو ويو جلسي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي جلسي کي مولانا راشد محمود سومرو, شيعا اڳواڻ مولانا ارشاد علي عرفاني, ۽ هندو پنڊت گيان پري مهراج, مولانا اسد الله کهڙو, مولانا يعقوب نعماني ۽ ٻين خطاب، ڪيو انھي موقعي خطاب ڪندي راشيد محمود چيو ته اڄوڪو حرمت رسول ڪانفرنس جو اسٽيج مذهبي رواداري جو اسٽيج آهي جتي مختلف فرقن ۽ مختلف مذهبن جا عالم گڏ ويٺا آهن اسان سدائين محبت پيار ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي اقليت جا دوست اسانجا ڀائر آهن انهن جو تحفظ ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي هڪ ٽولي کي بيرون ملڪن جا ٽوئر ڪرائي اربين روپيا خرچيون ڏئي پاڪستان ۾ گستاخيون ڪرايون پيو وڃن اسان سڀ ڪجهه برادشت ڪري سگهون ٿا پر نبي ڪريم صليُ الله وسلم جن جي شان ۾ ڪڏهن گستاخي برداشت نه ڪنداسين منهنجي بابا دين ۽ ڌرتي جي چوڪيداري ڪئي آهي منهنجي جان به سنڌ ڌرتي لاءۡ حاضر آهي اسانجو ڪنهن سان به جهيڙو ناهي اسانجو نبي ڪريم صليُ الله وسلم جي دشمنن سان جهيڙو آهي اهو ڪير به هجي معاف نه ڪبو سنڌ ۾ هن کان اڳمي به ڪيترائي ماڻهو پوليس مقابلن ۾ مارجي چڪا آهن سنڌ جي ڪچي ڪيترائي ماڻهو هر روز تڙپي مرن تڏهن ڪٿي هئا گستاخ جي مرڻ تي جن کي انسانيت ياد آئي آهي سنڌ جا ماڻهو نبي ڪريم صليُ الله وسلم جن جي شان ۾ گستاخي ڪڏهن به برادشت نه ڪندا سنڌ ۾ مذهبي جهيڙا وڌائڻ لاءۡ مختلف طريقا استمعال ڪيا پيا وڃن، پوليس مقابلي ۾ ماڻهو مارڻ واري عمل کي سٺو عمل نٿا سمجهون گستاخ جي سزا ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ موجود آهي عدالتون ۽ ادارا پنهنجو ڪم ڪن ته اهڙا واقعا پيش نه اچڻ ڪراچي کان سکر تائين اسان ھنڌو ڀائر جي حفاظت ڪئي آهي ھن وڌيڪ چيو ته، سنڌ جي ٻيٺن، وسلين، ء ڪارونجهر جي حفاظت لاءِ ھر فورم تي آواز اٿاريو آهي پر قوم پرست غائب رھيا آھن اڄوڪي جلسي ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو نبي ڪريم صليُ الله وسلم جن سان محبت ڪن ٿا 14 آڪٽوبر تي ٽنڊو الهيار، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان سنڌ جي مختلف علائقن مان مان قافلا شامل ٿئندا ميرپورخاص گاما اسٽيڊيم ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿيندا, حرمت رسول ڪانفرنس کي مولانا راشد محمود سومرو جو خطاب انھي موقعي تي اسد اللہ حيدري چيو ته عمرڪوٽ ۾ ماڻهن جو سمنڊ عاشقان رسول ڏسي دل خوش ڪري ڇڏي آهي اہلي تشع ارشاد علي عرفاني چيو اج اسين ھڪ اسٽيج تي سڀ مڪتي فڪر ماڻهن جي شرڪت انھي ڳالهه جو ثبوت آهي جيڪو اسان سڀ گڏ آهيون گيان پوري چيو ته عمرڪوٽ امن جو شھر آھي جنهن جو مثال آهي جيڪو اج اسين سڀ گڏ ويٺل آھيون غلام مجتبي پلي، رسول بخش منڱريو، عبدالستار جوڻيجو، مولانا عمران ديوبندي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.