English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رتوديرو ۾ نامعلوم هٿياربند جي فائرنگ ۾ دڪاندار مارجي ويو، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو
206 views
|
24th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
اڻڄاتل هٿياربند نلڪن جي مستري 40 سالن جي اربيلو سومرو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو
رتوديرو (رپورٽر) رتوديرو ۾ نامعلوم هٿياربند جي فائرنگ ۾ دڪاندار مارجي ويو، گوشت مارڪيٽ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربند نلڪن جي مستري 40 سالن جي اربيلو سومرو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال رتوديرو منتقل ڪيو، اسپتال مان لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، انهي حوالي سان مقتول جي ڀاء گلاب سومرو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي منھنجو ڀاء پورهيت آھي ۽ اڄ صبح جو اچي جئين ئي دڪان کوليو اٿائين ته موٽرسائيڪل تي سوار هڪ اڻڄاتل شخص مٿس فائرنگ ڪري گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو، پوليس مطابق ته واقعي بابت گهڻ رخي جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ جلد قاتل کي گرفتار ڪيو ويندو، ٻئي پاسي اهي به افواهون هلي رهيون آهن ته مقتول کي قتل ڪندڙ ذوالفقار علي کوکر کيس نلڪي جو ڪم ڪرائڻ لاء چيو مقتول مفت ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ان تي کيس قتل ڪيو آهي، رتوديرو ۾ هٿياربندن جي هٿان قتل ٿيل پورهيت دڪاندار اربيلو سومرو جو لاش رکي وارثن جو رتوديرو بائي پاس تي ڌرڻو، مقتول جي سوين وارثن دڪاندار شهرين رتوديرو لاڙڪاڻو بائي پاس تي مقتول جو لاش رکي پوليس خلاف ڌرڻو هڻي نعري بازي ڪئي، ڌرڻي سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون بيهجي ويون، جيسيتائين قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويندو تيسيتائين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين، وارثن جو اعلان، انهي سلسلي ۾ مقتول جي ڀاء گلاب سومرو ميڊيا اڳيان داهيندي چيو ته منهنجو ڀاء مسڪين هو اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي اڄ صبح سوير دڪان کولي رهيو هو ته کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو پوليس ڪنهن به قسم جو ڪو تعاون نٿي ڪري افواهون هلن پيون ته پوليس ذوالفقار کوکر جي گهر تي چڙهائي ڪئي آهي قتل ۾ اهو ملوث آهي، چيو ٿو وڃي ته مفت ۾ ڪم ڪرڻ کان مقتول جواب ڏنو هو ان تي کيس قتل ڪيو ويو آهي، منهنجي ڀاء جا قاتل ڪير به آهن اهي گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رتوديرو
قتل
0 تبصرے