English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي سنڌ کي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي: اياز لطيف پليجو
168 views
|
24th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
پيپلزپارٽي اقتدار خاطر وسيلن جي سوديبازي ڪري سنڌي ماڻھن جي پٺ ۾ خنجر پئي ھڻي
حيدرآباد قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي سنڌ کي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي پيپلزپارٽي سنڌ ۾ انتھاپسندي کي ھٿي ڏيڻ ۾ سھولتڪار بڻيل آهي. پيپلزپارٽي اقتدار خاطر وسيلن جي سوديبازي ڪري سنڌي ماڻھن جي پٺ ۾ خنجر پئي ھڻي سنڌ کي مڪمل تباھ ڪرڻ چاھي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ هيپاٽائٽس آھي۔ ايڇ آئي ويز ۽ ريبيز جون دعوائون ڪونہ آھن۔ منشيات، گٽڪو، مين پڙي ۽ ٺري جا اڏا مقامي پيپلزپارٽي جي حڪومتي ڌر جا ماڻهو ويٺا ھلائين ۽ پوليس جا ڪجھ مقامي آفيسر انھن سان گڏ آھن، تنھن ڪري عالمي ليول تي سنڌ جي تصوير کي ميرو ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو امن پسند آھن، دھشتگرد ڪونہ آھن، ھيومن ٽريفڪنگ ۾ ملوث ڪونہ آھن، اقتداري ڌر ڪرپشن ڪري ٿي، کاٽين جا پئسا کايو وڃي ٿي، پوڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ڪونہ ٿي ڏئي، روڊ رستا تباھ آھن، سنڌ جا ماڻھو علم ميرٽ ذريعي اڳيان اچن ۽ حڪمرانن جو احتساب ڪن ۽ انھن کان پڇاڻو ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت سڀ کان وڌيڪ سنڌ مسئلن جي گھيري ۾ آھي، سنڌ جا ماڻھو بکيا ڪونہ آھن، سڀ وسيلا سنڌ وٽ آھن، گيس 72 سيڪڙو، پيٽرول 59 سيڪڙو، وڏي بندرگاهه، ڪارونجهر جپسم، گرينائيٽ سنڌ وٽ، ڪوسٽل بيلٽ سنڌ وٽ، دنيا جو ڇھون نمبر وڏي ۾ وڏو ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ وٽ آھي، انھن سڀني وسيلن جي ھوندي انڊر اٽيڪ سنڌ آھي، ٻيا ملڪ جيئن آمريڪا، يورپ گئس پيٽرول ھوندي بہ گيس ۽ پيٽرول روس، سعودي ۽ ٻين کان وٺن ٿا ۽ پنھنجا وسيلا ايندڙ دور ۽ مستقبل لاء بچائي رکن پيا، سنڌ ۾ ائين ڪونھي، سنڌ جا سڀ وسيلا ڪڍي کڻي وڃن پيا۔ پنجاھ يا سئو سالن کان پوءِ اسان جي ايندڙ نسل لاء ڪھڙا وسيلا بچندا، جيئن ڪماند مان جوس ڪڍي ڦوڳ ڪڍي اڇلائي ڇڏبو آھي، ائين سنڌ جا وسيلا ڪڍي پوء پاڻ کي ڦوڳ سمجھي اڇلائي ڇڏيندا. قدرتي وسيلا ريجنريٽ ڪونہ ٿيندا آهن، پيٽرول، گيس، ڪوئلو وري ڪونہ پيدا ٿيندو، اھي وسيلا پنھنجي ايندڙ نسلن جا آھن سڀ ڪڍي ڇڏيندا ء پنھنجي ايندڙ نسلن لاء ڪجھ ڪونہ بچندو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. ايندڙ وقت سنڌ لاءِ وڌيڪ ڏکيو آهي. زرداري ليگ کي سنڌي ماڻهن جي تڪليفن جي ڪا بہ پرواھ نہ آھي سنڌي عوام تي تڪليفون اچڻ سان ڄڻ زرداري ليگ ۽ سندس ڪرپٽ سنڌ حڪومت جي لاٽري کليو وڃي اياز لطيف پليجو چيو تہ پاڻ سڀ تبديلي جي ڳالھ تہ تمام زبردست ڪندا آھيون مگر جڏھن تبديلي اچڻ واري اليڪشن جو ٽائيم ايندو آھي تہ پوء پاڻ سنڌ جي ھمدردن ھڏ ڏوکين کي ووٽ ڏيڻ بجاء ڪرپٽ، چور، ڀوتارن، سردارن ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻندڙ زرداري ليگ جي پويان ھوندا آھيون انھن کي سوڀارو ڪري ايوانن تائين پھچائيندا آھيون پوءِ واري پنج سال رڙيون دانھون ڪندا آھيون ظالم حڪمرانن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو، مھنگائي ، بدامني جي ڪري اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي
0 تبصرے