ڪراچيءَ جي ناظم آباد واري علائقي ۾ شهرين لاءِ آزار جو سبب بڻيل حددخلين خلاف آپريشن، ڪيترين ئي غير قانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ

اسسٽنٽ ڪمشنر هاشم مقصود جي اڳواڻيءَ ۾ اينٽي انڪروچمينٽ جي ٽيم ناظم آباد نمبر 3 واري علائقي ۾ حددخلين خلاف ڪارروايون ڪيون ويون

ڪراچيءَ جي ناظم آباد واري علائقي ۾ شهرين لاءِ آزار جو سبب بڻيل حددخلين خلاف آپريشن، ڪيترين ئي غير قانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي ناظم آباد واري علائقي ۾ شهرين لاءِ آزار جو سبب بڻيل حددخلين خلاف آپريشن دوران ڪيترين ئي غير قانوني اڏاوتن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو، ڪارروائين دوران ڦٽ پاٿن تي لڳايل اسٽال ۽ ريڙهن کي به هٽايو ويو.اسسٽنٽ ڪمشنر هاشم مقصود جي اڳواڻيءَ ۾ اينٽي انڪروچمينٽ جي ٽيم ناظم آباد نمبر 3 واري علائقي ۾ حددخلين خلاف وڏي پيماني تي ڪارروايون ڪيون ويون.ڪارروائين جي دوران ڪرين وسيلي ڪيترين ئي غير قانوني اڏاوتن تي ڊاهي پٽ ڪيو ويو، جڏهن ته شهرين لاءِ آزار بڻيل ڦٽ پاٿن تي قائم اسٽالن کي به هٽايو ويو.اينٽي انڪروچمينٽ آپريشن دوران روڊن رستن ۽ چوراهن تي بيٺل ريڙهن کي به هٽايو ويو، جڏهن ته غير قانوني طور ٺهيل ڪيترن ئي دڪانن کي پڻ سيل ڪيو ويو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اي سي هاشم مقصود جو چوڻ هو ته علائقي واسين جي شڪايتن تي ناظم آباد نمبر 3 ۾ حددخلين جي خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته انتظاميا شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، حددخلين خلاف وڏي پيماني تي آپريشن ڪيو ويو آهي جيڪو جاري رکيو ويندو.غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن شروع ٿيڻ تي علائقي واسين پاران سرهائي جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي اسسٽنٽ ڪمشنر هاشم مقصود جس لهڻي جنهن چارج وٺندي ئي سندن شڪايتن تي حددخلين خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.