سٽي اسڪول ٺٽو ڪيمپس پاران اسڪول جي شاگردن کي ميڊيڪل جي شعبي بابت آگاهي ڏيڻ ۽ کين مستقبل جا ڊاڪٽر بڻائڻ جي سلسلي ۾ ڪيمپ لڳائي وئي

شاگردن کي عملي تربيت ڏني وئي، هن ڪئمپ ۾ ڪلاس نائين کان انٽر تائين جي شاگردن مختلف ميڊيڪل شعبه قائم ڪري عملي مظاهرو ڪيو.

سٽي اسڪول ٺٽو ڪيمپس پاران اسڪول جي شاگردن کي ميڊيڪل جي شعبي بابت آگاهي ڏيڻ ۽ کين مستقبل جا ڊاڪٽر بڻائڻ جي سلسلي ۾ ڪيمپ لڳائي وئي

ٺٽو( شفيق ڀٽي) سٽي اسڪول ٺٽو ڪيمپس پاران اسڪول جي شاگردن کي ميڊيڪل جي مختلف شعبن بابت آگاهي ڏيڻ ۽ کين مستقبل جا ڊاڪٽر بڻائڻ جي سلسلي ۾ ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ شاگردن کي عملي تربيت ڏني وئي، هن ڪئمپ ۾ ڪلاس نائين کان انٽر تائين جي شاگردن مختلف ميڊيڪل شعبه قائم ڪري عملي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر حيدرآباد محترمه ريحانه افضل چيو ته سٽي اسڪول ٺٽو ڪيمپس جي انتظاميه جو اهو عمل ساراهه جوڳو آهي، اڄوڪو پروگرام نه رڳو شاگردن ۾ مختلف بيمارين بابت آگاهي پيدا ڪندو پر کين ميڊيڪل جي مختلف شعبن بابت پڻ ڄاڻ ملندي. هن وڌيڪ چيو ته ان قسم جي پروگرامن سان اسان مستقبل جا ڊاڪٽر تيار ڪري سگهنداسين. ان موقعي تي سٽي اسڪول ٺٽو ڪيمپس جي پرنسپال محترمه صنم آصف شاهه چيو ته اسان جو مقصد شاگردن کي بهترين تعليم سان گڏوگڏ تربيت به فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي زندگي جي مختلف شعبن بابت هر قسم جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته اڄوڪي هن پروگرام جو بنيادي مقصد شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي مستقبل بابت بهتر فيصلا ڪري سگهن. ان موقعي تي ٺٽي جي مشهور سماجي، علمي ۽ طبي شخصيتن جن ۾ ڊاڪٽر شيام ڪمار، ڊاڪٽر لجپت راءِ، ڊاڪٽر حنا ڪاظمي، ڊاڪٽر صفدر خواجا ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ قائم ڪيل ڪيمپ جو دورو پڻ ڪيو. هنن سٽي اسڪول ٺٽو ڪيمپس جي ان قدم کي ساراهيندي چيو ته مستقبل جي معمارن جي اهڙي تربيت وقت جي ضرورت آهي، تعليمي ادارن ۾ اهڙيون صحتمند سرگرميون عام ٿيڻ گهرجن. ان کان اڳ اسڪول جي پرنسپال محترمه صنم آصف شاهه ربن ڪٽي ڪيمپ جو افتتاح ڪيو ۽ پروگرام آرگنائيزر عبدالرحمان مانجهند ۽ اڪيڊمڪ ڪوآرڊينيٽر سيد ڪاشف حسين شاهه آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو.