English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھ غير آئيني ۽ سنڌ دشمن منصوبا جوڙي رھيو آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
25th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو ڪروڙين ماڻھن جي اڃ مارڻ ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بنائي سنڌ کي معاشي طور قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي. آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھ غير آئيني ۽ سنڌ دشمن منصوبا جوڙي رھيو آھي. صدر مملڪت کي سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ جو ڪو بہ اختيار ناھي. انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ کي ضرورت جيترو پاڻي ناھي. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا تہ سنڌ بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو ڪروڙين ماڻھن جي اڃ مارڻ ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بنائي سنڌ کي معاشي طور قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي. پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪوٽڙي کان ضرورت جيترو پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي جنھنڪري سمنڊ اڳتي وڌي آيو آھي. سنڌ کي پھرين پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڏيڍ سئو سالن کان سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي جو حساب ڏنو وڃي. پاڻي کوٽ جي ڪري آبادگارن کي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم قبول ناھي، آصف زرداري غير آئيني فيصلا ڪري رھيو آھي، کيس فوري طور تي استعفي ڏيڻ گھرجي. سنڌ جي مفادن خلاف ڪو بہ فيصلو يا منصوبو قبول ناھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
اياز لطيف پليجي
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے