سجاول ۾ ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند پاران مختلف علائقن جا دورا

سجاول ۾ ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند پاران مختلف علائقن جا دورا

سجاول ۾ ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند پاران مختلف علائقن جا دورا

سجاول(رپورٽر)ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عبدالڪريم سنگراسي، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور بٺورو راشد علي ۽ چيئرمين ٽائون ڪميٽي ميرپور بٺورو ۽ ٻين آفيسرن سان گڏ برسات دوران ميرپور بٺورو شهر سميت مختلف علائقن جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي سٿرائي سميت سموري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هُن اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته برساتن جي هنگامي صورتحال تائين 24 ڪلاڪ الرٽ رهن ۽ فيلڊ ۾ ملازمن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. هُن چيو ته سموري مشينري کي هر وقت فعال رکيو وڃي جڏهن ته ميرپور بٺورو شهر سميت هيٺاهين وارن علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي پريشاني کان بچائي سگهجي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.