شڪارپور ۾ پوليس جي شھيدن جو ڏھاڙو ملھايو ويو، پوليس ھيڊ ڪوارٽر ۾ قرآن خواني

شڪارپور ۾ پوليس جي شھيدن جو ڏھاڙو ملھايو ويو، پوليس ھيڊ ڪوارٽر ۾ قرآن خواني

شڪارپور ۾ پوليس جي شھيدن جو ڏھاڙو ملھايو ويو، پوليس ھيڊ ڪوارٽر ۾ قرآن خواني

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ۾ ڏينھن جي شروعات شھيدن لاء پولیس ھیڊ ڪوارٽر جي مسجد ۾ قرآن خواني سان ڪئي وئي، ایس ایس پي شڪارپور شاھزیب چاچڙ یادگار شھداء تي گل چاڙھيا ۽ چاق و چوبند دستي ساڻ شھداء کي سلامي پیش ڪئي. شیخ ایاز یونیورسٽي جي ڪانفرنس ھال ۾ شھيدن جي فیملیز کي پابند ڪيو ويو. ایس ایس پي شڪارپور شاھزیب چاچڙ استقبالیہ تقریر ڪئي، شھيدن کي خراج تحسین پیش ڪيو، شڪارپور پولیس جي شھیدن پنھنجي جان جو نذرانو پیش ڪري معاشري ۾ امن جي خاطر عظیم قربانیون ڏنيون آھن جنھن کي اسان ڪڏھن به وساري نه ٿا سگھون ۽ انھن کي خراج تحسین پیش ڪريون ٿا. ایس ایس پي شڪارپور جو چوڻ ھو تھ اڄ جو ڏينھن ملھائڻ جو ھڪ مقصد اھو به آھي تہ اسان پنھنجي شھيدن جي وارثن کي اھو يقين ڏياريون ٿا ته اسان انھن سان وک وک تي گڏ بيٺا آھيون. شھداء پولیس جي وارثن جي ھر جائز مدد ڪرڻ لاء ہمیشہ تیار آھيون. سنڌ پولیس کي پنھنجي شھيدن تي فخر آھي انھن قوم جي حفاظت لاء پنھنجي قيمتي جان جو نظرانو پيش ڪيو ایس ایس پي شڪارپور شاھزیب چاچڙ وڌيڪ چيو تھ پولیس شھداء جي بي مثال قربانین جي بدولت شڪارپور سمیت سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ امن و امان قائم ٿيو آھي. اڄ جو ڏينھن یوم شھداء پولیس جي بنسبت طور پوري ملڪ ۾ ملھايو پيو وڃي ان ڏينھن جا ڪجھ مقصد آھن تہ شھيدن جي وارثن کي پیغام ڏيڻ آھي ته اسان انھن کي نہ ٿا وساري سگھون۔ قانون جي بالادستي ھجي یا امن و امان جو قیام، دھشت گردي جو خاتمو ھجي یا سماج دشمن عناصرن سان مقابلو، ھر محاذ تي پولیس فورس جي بھادر جوان پنھنجون ذميداریون احسن طریقي سان عھدي تي ھوندي جام شھادت نوش ڪندا آيا اھن.شھداء فیملیز سان ملي ڪري انھن جي مسئلن وغیرہ جي متعلق خیالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان جي حل ڪرڻ لاء اڪاؤنٽنٽ ۽ متعلقہ آفيسرن کي ھدایتون جاري ڪيون.آخر ۾ ایس ایس پي شڪارپور شاھزیب چاچڙ طرفان شھيدن جي فیملیز جي ٻارن کي تحفا ڏنا ۽ بعد ۾ شھيدن جي فیملیز سان گڏ ويٺا ۽ ماني وغيرہ کاڌائون