سيڊ انڊسٽري جي ترقي وسيلي پاڪستان ترقي جي اهم منزل ماڻي سگھي ٿو: ڊاڪٽر فتح مري

سيڊ انڊسٽري جي ترقي وسيلي پاڪستان ترقي جي اهم منزل ماڻي سگھي ٿو: ڊاڪٽر فتح مري

سيڊ انڊسٽري جي ترقي وسيلي پاڪستان ترقي جي اهم منزل ماڻي سگھي ٿو: ڊاڪٽر فتح مري

ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو آهي ته سيڊ انڊسٽري جي ترقي وسيلي پاڪستان ترقي جي اهم منزل ماڻي سگھي ٿو، زرعي پيداوار ۾ سالياني 5 سيڪڙو واڌاري سان ايندڙ ڏهن سالن دوران غربت جي شرح ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ممڪن آهي، اھڙي قسم جون ڳالھيون هن سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سيڊ ڊولپمينٽ ۽ پراڊڪشن سينٽر ۽ شعبي پلانٽ بريڊنگ ۽ جينيٽڪس جي ميزباني هيٺ "هائبرڊائيزيشن ٽيڪنڪ جي ذريعي ڪپهه جنس جي ترقي" جي موضوع تي ٻن ڏھاڙن واري تربيتي ورڪشاپ جي اختتامي تقريب کي خطاب دوران چيون، ڊاڪٽر فتح مري چيو ته پاڪستان پنهنجي معياري زرعي پيداوار ۽ ان جي ضمني شين جي ايڪسپورٽ وسيلي وڌيڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان تصديق ٿيل ٻج جي پيداوار ۾ وڌيڪ 20 سيڪڙو ترقي ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته خوراڪ جي تحفظ ۽ مختلف فصلن جي پيداوار ۾ خودڪفيل ٿي وينداسين. ان ڪري، اسان کي ٻج کي هڪ صنعت طور تسليم ڪرڻو پوندو، وائيس چانسلر چيو ته پاڪستان ۾ هائبرڊ سيڊ ريسرچ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان ٻين ملڪن تي ان سلسلي ۾ ڀاڙڻ کان بچي سگهون، هن چيو ته اسان چين سان سيڊ سيڪٽر ۾ پارٽنر طور مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، جنهن سان هائبرڊ ٽيڪنالاجي ۾ مدد ملندي، ڊاڪٽر فتح مري چيو ته بهتر ٻج ۽ خوراڪ جي تحفظ ذريعي پنھنجي ماڻھن جي خوراڪ جي خودمختاري ۽ انهن کي صحت مند ۽ غذائيت سان ڀرپور مناسب خوراڪ جي فراهمي يقيني ٿيندي، تقريب کي خطاب ڪندي ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مظهرالدين ڪيريو چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي تصديق ٿيل ٻج جي فراهمي لاءِ سنجيده آهي، يونيورسٽي جي ميزباني ۾ ڪراچي ۾ ٻج سان سلھاڙيل ملڪي سطح جي ٻن ڏينهن واري تقريب سان ملڪي زرعي، تحقيقي ۽ تدريسي ادارن، بريڊرس، خانگي سيڪٽر ۽ مثالي آبادگارن کي گڏ ڪيو، تقريب کي ايس پي ڊي سي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ظهور احمد سومرو، ڊاڪٽر شاهنواز مري، جاويد احمد ۽ ٻين به خطاب ڪيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري، ڊين سوشل سائنسز فڪلٽي ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهاري، ڊاڪٽر مظهرالدين ڪيريو، ڊاڪٽر ظهور احمد سومرو تربيت ۾ حصو وٺندڙن ۽ منتظمين کي تعريفي سرٽيفڪيٽ سان نوازيو.