English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول جي وارڊ نمبر 11 جا رهواسي ورھين کان پيئڻ جي پاڻي کان محروم، احتجاجي مظاھرو
views
|
22nd Jul 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول جي وارڊ نمبر 11 جا رهواسي ورھين کان پيئڻ جي پاڻي کان محروم، احتجاجي مظاھرو
سجاول (رپورٽر) سجاول شهر جي وارڊ نمبر 11 جا رهواسي ڪافي سالن کان پيئڻ جي پاڻي کان محروم، نياڻيون ٻارڙا پاڻي ڀرڻ لاءِ شهر جي گهرن ۽ گهٽين ۾ دربدر ٿيڻ تي مجبور، واسين جو پاڻي لاءِ احتجاج، تفصيل موجب : سجاول شهر جي وارڊ نمبر11جا رهواسي گذريل ڪافي سالن کان پيئڻ جي پاڻي کان محروم هجڻ ڪري مردن عورتن ۽ ٻارن مٿي تي دلا، مٽ ۽ بالٽيون کڻي احتجاج ڪيو ان موقعي تي واسين خمون جوڳي، محمد موسيٰ ملاح، منو ميمڻ، عارب ڦوٽاڻي، حاجي ماڇي، خدابخش ملاح، جاني ڪونجڙو، ميگهو مل، گوو مل، مائي سوناري، مائي قضو ۽ ٻين چيو ته 500 کان به وڌيڪ گهرن تي مشتمل اسان جو قديمي ڳوٺ الهڏنو ملاح ۽ ڳوٺ هاشم جوڳي جنهن کي وارڊ نمبر 11 سڏيو وڃي ٿو جنهن کي سال 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ هڪ فلاحي اداري هينڊي ڪيپ طرفان شهر جي پراڻي مڇي مارڪيٽ کان اسان جي ڳوٺ تائين پاڻي جي پائيپ لائين لڳائي ڏني وئي جيڪا ڪجه سال هلڻ کان پوءِ مڇي مارڪيٽ ڀرسان نيون اڏاوتون ٺھڻ سبب ماڻھن اسان جي پائيپ لائين تي پنهنجا نوان ڪنيڪشن ۽ وال لڳائي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب اسان پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهيون، هر روز صبح ۽ شام اسان جون عورتون ۽ ٻارڙا هن قهر جي گرمي ۾ پاڻي جي ڳولا ۾ شهر جي گهرن ۽ گهٽين ۾ دربدر ۽ تذليل ٿي پاڻي ڀري اچن ٿيون، ڳوٺاڻن چيوته اسان جو تمام وڏو ۽ قديمي ڳوٺ آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ضلع انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اسان جي سار ناهي لڌي. ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته اسان ڪافي ڀيرا چونڊيل نمائيندن سان ڳالهايو آهي پر سواءِ دلاسن جي ٻيو ڪجهه به ناهي مليو. ڳوٺاڻن ڊي سي سجاول، تڪ جي چونڊيل نمائندن، ٽائون چيئرمين سيد آفتاب شاه شيرازي ۽اعليٰ اختيارين کي مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ پاڻي جو مسئلو جلد کان جلد حل ڪري ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائينداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Oct 2025
•
سندھ
ڈی آئی جی ٹریفک پولیس پیر محمد شاہ کی جانب سے معروف اداکار اینکر و کامیڈین کاشف خان کو ٹریفک پولیس کا گڈ ول ایمبیسیڈر کا عہدہ تفویض کیا گیا
20th Oct 2025
•
کھیل
ملک میں کھیلوں کی سرگرمیوں میں اضافے کی ضرورت ہے قرۃ العین خان
20th Oct 2025
•
سندھ
حضرت قطب عالم شاہ بخاری رحمة اللہ علیہ کا مزار کراچی کے معروف مزارات میں سرفہرست ہے کفیل حسین
20th Oct 2025
•
سندھ
کراچی میں سیاسی ہلچل , پیپلز پارٹی اور جماعت اسلامی کے کونسلرز مسلم لیگ (ن) میں شامل
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جرڳائي وڏيرن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ ۾ سماجي تنظيم احساس سوشل فورم پاران مستحقن جي مدد
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين، ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان پوليس خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
وارڊ نمبر 11
0 تبصرے