ملڪ جي موجوده حالتن ۾ اسلام آباد وارو ڌرڻو تمام گھڻو ضروري آهي: محمد حسين محنتي

ملڪ جي موجوده حالتن ۾ اسلام آباد وارو ڌرڻو تمام گھڻو ضروري آهي: محمد حسين محنتي

ملڪ جي موجوده حالتن ۾ اسلام آباد وارو ڌرڻو تمام گھڻو ضروري آهي: محمد حسين محنتي

ڪراچي/ سکر (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ملڪ جي موجوده حالتن ۾ اسلام آباد جو ڌرڻو ضروري آهي، جماعت اسلامي ملڪ ۾ ظالماڻي نظام، عوام دشمن پاليسين، بجلي جي لوڊشيڊنگ، ڳرن بلن خلاف 26 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ وڃي رهي آهي جيڪو مطالبن جي منظوري تائين جاري رهندو، جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف به ڌرڻو هنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مهراڻ مرڪز سکر ۾ رٿيل خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، سنڌ جو اطلاعات سيڪريٽري مجاھد چناضلعي امير مولانا حزب الله جکرو، ايڊوڪيٽ سلطان لاشاري، سيد نظام الدين شاه، خيرمحمد تنيو، امان الله تنيو، ميرهزار خان لاشاري، سُهيل قريشي سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ 26 جولاءِ تي رٿيل ڌرڻي جي حوالي سان قافلن جي شرڪت جي منصوبابندي ڪئي وئي. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي لاڳيتو عوامي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، هن وقت سنڌ جا ماڻهو بيشمار مسئلن ۾ وڪوڙيل آهن، ڀُنگ لاءِ اغوا، بيروزگاري، لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جا ڳرا بل اهم مسئلا آهن انهن مسئلن جي حل لاءِ جماعت اسلامي پنهنجي پُرامن جدوجهد جاري رکندي. جماعت اسلامي سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي ۾ امن امان لاءِ به جدوجهد ڪري رهي آهي، عوامي جدوجهد جي نتيجي ۾ جماعت اسلامي عوام ۾ تيزي سان مقبوليت ماڻي رهي آهي، نوجوان نسل کي جماعت اسلامي ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي ملڪ جا65 فيصد نوجوان ملڪي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، سنڌ اهم صوبو آهي، سنڌ جاڳي ٿو ته سڄو ملڪ جاڳي ٿو پوي، ان شاالله سنڌ جو نوجوان، هاري، عالم سڳورا ۽ واپارين سميت هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو اسلام آباد ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا. جماعت اسلامي ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمرانن جي اقتدار جي خاتمي تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. “ بنو قابل” پروگرام ذريعي لکين نوجوانن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏئي آن لائن روزگار ڪمائڻ جو موقعو ڏنو ويندو.