English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: اسٽيل ملز جي پورھيتن پاران پگھارن ۾ واڌ نھ ٿيڻ ۽ اسٽيل مل بند ڪرڻ خلاف ڌرڻو
views
|
22nd Jul 2024
•
سنڌي خبرون
ملير: اسٽيل ملز جي پورھيتن پاران پگھارن ۾ واڌ نھ ٿيڻ ۽ اسٽيل مل بند ڪرڻ خلاف ڌرڻو
ملير (رپورٽر) اسٽيل ملز پورهيتن طرفان پگهارن ۾ واڌ نه ڪرڻ ۽ اسٽيل مل بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، اڀ ڏاريندڙ نعرا، 12 سالن کان پگهارن ۾ واڌ نه ڪئي وئي آهي قهر جي مهانگائي ۾ محدود پگهار ۾ گذارو مشڪل آهي 100 سيڪڙو پگهار وڌائي وڃي اداري کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو اڳواڻ تفصيل موجب اسٽيل ملز پورهيتن طرفان پگهارن ۾ واڌ نه ڪرڻ ۽ اسٽيل مل بند ڪرڻ خلاف ڪالھ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن علي حیدر گبول ، اڪبر ناریجو ، عروج علوي ، شوڪت ڪورائی، ھارون خٽڪ ،نسیم حیدر، ریحان فیصل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جيڪي پگهارون وڌايو، اسٽيل مل بند ڪري پورهيتن جو معاشي قتل بند ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 12 سالن کان پراڻي پگهار تي هلايو پيو وڃي قهر جي مهانگائي ۾ محدود پگهار ۾ گذارو مشڪل آهي 100 سيڪڙو پگهار وڌائي وڃي هنن چيو ته روس اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ 2 ارب ڊالر جي سيڙپ جي پيشڪش ڪئي آهي حڪومت روس جي پيشڪش جو مثبت جواب ڏئي هنن چيو ته اسٽيل مل کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، حڪومت طرفان اداري کي اسڪريپ قرار ڏئي بند ڪرڻ ۽ اربين روپين جي ماليت جي قيمتي ڪوڪ آون بيٽري جي گيس بند ڪرڻ جهڙا فيصلا معاشي طور تباهي آڻيندڙ فيصلا معاشي غداري آهن ۽ اسٽيل مل جي مستقبل جو ڪوبه فيصلو گڏيل مفادات ڪائونسل جي منظوري بغير نٿو ڪري سگهجي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪومت اسٽيل مل جي بابت فيصلو ڪرڻ کان اڳ پورهيتن جي مستبقل بابت غور ڪري ۽ پورهيت جي رهتن، چارٽر آف ڊمانڊ جي منظوري، گلشن حديد 4 جي فوري الاٽمينٽ سميت نيڪالي ڏنل پورهيتن جي بحالي جي منظوري ڏني وڃي جڏهن ته اسٽيل مل کربين روپين جو اثاثو آهي جنهن جي زمين جي ڀڳڙن مٺ ۾ ورهاست قبول ناهي هنن مطالبو ڪيو ته پگهارن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، رهتون جاري ڪيون وڃن ۽ اداري کي بند ڪرڻ جا سانباھا بند ڪيا وڃن بي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Jul 2025
•
تازہ ترین
گھوٹکی: ٹک ٹاکر ثمیرا ملک کی لاش برآمد، ورثاء کا قتل کا شبہ، دو افراد گرفتار
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انسانيت جو قتل دھشتگردي نام نهاد غيرت
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن تي تشدد آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي
25th Jul 2025
•
سندھ
شرح سود 6فیصد تک لایا جائے تاکہ قرضے سستے ہوں اور صنعت ترقی کر سکے،ملک خدا بخش
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ پليو مستوئي واسي ٻن نوجوانن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
حڪمران سنڌ کي ڇولن جيان کپائي رهيا آهن: اياز لطيف پليجو
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري: ايس ڊي او سيپڪو محمد ودود بدلي، سندس جي جاءِ تي اختيار سوهو مقرر
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي حوالي سان اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
اسٽيل ملز
0 تبصرے