ملير: ساران سمون جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ملير: ساران سمون جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ملير: ساران سمون جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ملير (عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ شهيد ساران سمون جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وارثن سنڌ هائي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي تفصيل موجب ملير جي علائقي گلشن حديد لڳ قومي شاهراهه ڪيٽي بندر واسي خاندان تي پوليس فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل ساران سمون ۽ غنوا سمون کي زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف شهيد ساران جي پٽ صدام سمون ايڊوڪيٽ اشرف سمون معرفت سنڌ هائي ڪورٽ ۾ ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون ۽ فائرنگ ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي درخواست گذار صدام موقف اختيار ڪيو آهي ته اسپتال مان علاج بعد ڪار ۾ ڪيٽي بندر گهر ويندي گلشن حديد وٽ پوليس فائرنگ ڪري منهنجي ماءُ قتل ۽ ڀيڻ کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ پوليس پاڻمرادو پنهنجي مرضي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد اسان جو فرياد نٿي وٺي هن درخواست ۾ معزز عدالت کي اپيل ڪئي ته ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون، پوليس اهلڪارن سميت لاڳاپيل آفيسرن خلاف اسان جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي ايڊوڪيٽ اشرف سمون جو چوڻ آهي، هو ته ڪيٽي بندر واسي خاندان جي گاڏي تي بيگناھ فائرنگ ڪئي ويئي جنهن جي نتيجي پيرسن عورت ساران سمون فوت ٿي ويئي اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي.