ٽنڊوآدم ۾ پوليس جو ڏوھارين سان مقابلو، بين الضلعي ڦورو گينگ جو خاتمو. 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

ٽنڊوآدم ۾ پوليس جو ڏوھارين سان مقابلو، بين الضلعي ڦورو گينگ جو خاتمو. 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

ٽنڊوآدم ۾ پوليس جو ڏوھارين سان مقابلو، بين الضلعي ڦورو گينگ جو خاتمو. 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

ٽنڊوآدم(حسنين علي ساند) ٽنڊوآدم ۾ پوليس جو ڏوھارين سان مقابلو، بين الضلعي ڦورو گينگ جو خاتمو. 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، دوران علاج ڦورو جنيد مستوئي فوت. تفصيل موجب ايس ايڇ او ٽنڊوآدم غلام شبير دلواڻي، سب انسپيڪٽر وحيد ۽ اي ايس آئي خورشيد پنهنجي ماتحت عملي سان گڏ معمول مطابق گشت تي هئا ته لنجواڻي موڙ تي 5 هٿياربندن اوچتو پوليس جي آمهون سامھون ٿئي پيا . پوليس پارٽي پاران آواز ڏيڻ تي جوابدارن پوليس تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني. ڪراس فائرنگ جي نتيجي بعد ٻه جوابدار جنيد ولد الله بخش مستوئي ۽ اعجاز احمد ولد سائين بخش کوسو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جن جي قبضي مان 2 ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آھن. زخمي جوابدارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته سندس ٽي هٿياربند ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. انهن جي گرفتاري لاءِ پوليس ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن. بعد ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڦورو جنيد مستوئي علاج دوران فوت ٿي ويو. گرفتار جوابدار ڌاڙن ۽ ڦرن جهڙن سنگين نوعيت جي 8 ڪيسن ۾ پڻ ملوث آهن. ان کان علاوه نوابشاھ ٿاڻي جي اي سيڪشن تي ڪيس نمبر 34 سال 2024 واري واردت ۾ 27 مارچ 2024 تي 5 لک رپيا ڦر ڪيا هئا، جڏهن ته ٻئي واردات ۾ نوابشاھ ٿاڻي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي 22 اپريل 2024 م 12 لک 50 هزار رپيا ڦر ڪيا هئا. جنهن ۾ ڦورو جنيد مستوئي کي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو هو. اي سيڪشن نواب شاھ جي ٽئين واردات ۾ 27 جون 2024ع تي 22 لک رپيا ڦر ڪرڻ ۾ ملوث آهن. گرفتار ڦورن جو ٻين ٿاڻن مان به رڪارڊ معلوم ڪيو پيو وڃي. گرفتار جوابدارن خلاف پوليس مقابلي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي قلمن تحت ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن.