سانگھڙ: ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه جي صدارت هيٺ اجلاس

سانگھڙ: ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه جي صدارت هيٺ اجلاس

سانگھڙ: ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه جي صدارت هيٺ اجلاس

سانگهڙ (حسنين علي ساند) سانگهڙ ضلع انتظامیہ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي سمیت مڙني انتظامن جي سلسلي ۾ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي ورتي جنهن تحت مک شهرن ۾ ڳجھيون ڪيمرا لڳائڻ، ضلعي جي اندروني ۽ بيروني رستن تي چڪاس جو عمل تيز ڪرڻ، مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جي رستن تي سخت پيٽرولنگ ڪرڻ. صفائي سٿرائي ۽ اسٽريٽ لائٽ جا جوڳا انتظام ڪرڻ ۽ سڄي صورتحال جي نگراني جي لاء ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي آفيس ۾ هڪ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ شامل آهي. ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه جي صدارت هيٺ اڄ سندس آفيس ۾ محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو سميت سمورن لاڳاپيل عملدارن، مختلف مذهبي تنظيمن سان واسطو رکندڙ عالم سڳورن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه چيو ته محرم الحرام جي ڏهاڙن دوران امن امان برقرار رکڻ سندس اولين ترجيح آهي جڏهن ته صفائي سٿرائي ۽ اسٽريٽ لائٽ جي حوالي سان پڻ بهتر انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سڄي ضلعي جي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪئي ويندي ۽ مک روڊن تي چڪاس پڻ ڪئي ويندي. هن چيو ته سمورن شهرن ۾ ماتمي جلوسن جي گذر گاهن تي صفائي ۽ سبيل جو اهتمام ڪيو ويندو جڏهن ته هن صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته جلوسن جي گذر گاهن تي طبي ڪيمپون قائم ڪيون وڃن ۽ ضروري دوائون، ايمبولينس سميت عملي جي موجودگي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي، حيسڪو انتظاميه کي پڻ هدايت ڪئي ته مجلس ۽ ماتمي جلوس وقت لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايس ايس پي غلام نبي ڪيريو چيو ته مختلف شهرن ۾ پوليس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويندا جڏهن ته رينجرز جي جوانن کي اسٽيڊ باء رکيو ويو آهي ضرورت پوڻ تي انهن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، هن ٻڌايو ته سڄي ضلعي ۾ 2478 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. هن عالم سڳورن کي اپيل ڪئي ته هو نفرت انگيز تقريرن کان پاسو ڪن ۽ امت مسلمہ ۾ ہم آهنگي ۽ ڀائپي جو درس ڏين انهي کان علاوه سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙن جي شڪايت ايف آئي اي کي ڪئي ويندي. هن چيو ته محرم الحرام جي حوالي سان بنا اجازت وارا ماتمي جلوس نه ڪڍيا وڃن ۽ ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي جلوسن ۽ مجلسن جي وقت جي پابندي پڻ ڪئي وڃي مجلسن ۾ لائوڊ اسپيڪر جو استعمال به ايترو ڪيو وڃي جيتري ضرورت هجي. گڏجاڻي ۾ ٽنڊو آدم، سانگهڙ، سنجهورو ۽ جهول شهر جي چيئرمين مرتضي جوڻيجو، راشد اسلام مغل، انور راجپوت ۽ راڻا راشد پڻ شرڪت ڪئي ۽ ضلعي انتظاميه سان گڏجي محرم الحرام ۾ هر ممڪن انتظام ڪرڻ جو يقين ڏياريو.