نوشھروفيروز ۾ ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد سجاد حيدر جي صدارت هيٺ ترقياتي ماسٽر پلان بابت سيمينار

نوشھروفيروز ۾ ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد سجاد حيدر جي صدارت هيٺ ترقياتي ماسٽر پلان بابت سيمينار

نوشھروفيروز ۾ ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد سجاد حيدر جي صدارت هيٺ ترقياتي ماسٽر پلان بابت سيمينار

نوشھروفيروز (ڊ ر)ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد سجاد حيدر جي صدارت هيٺ ڊائريڪٽوريٽ آف اربن ريجنل پاليسي اينڊ اسٽريٽجڪ پلاننگ، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي پاران نوشهروفيروز ضلعي جي عوامي نمائندن سان نوشهروفيروز شهر جي ترقياتي ماسٽر پلان بابت ڊپٽي ڪمشنرآفيس ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار جو مقصد سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي اهم شراڪتدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هو، جنهن ۾ نوشهروفيروز شھر ماسٽر پلان جي اهم خصوصيتن ۾ شهري مسئلن جهڙوڪ گهرن جي فراهمي ، پيئڻ جو صاف پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ آلودگي کان پاڪ ماحول، تعليم ۽ صحت، ٽرانسپورٽ، نڪاسي آب ۽ ٻيون بنيادي سھولتون شامل آھن.ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر امتياز ڀٽي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته امن، سلامتي ۽ خوشحالي سان گڏ هڪ منصوبابندي ڪيل شهر جي طور تي اڀرڻ لاءِ روزگار جي آمدني ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو عالمي سروي موجب 2050 تائين دنيا جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي شهرن ۾ رهندي. 80 سيڪڙو عالمي معاشي ترقي جو دارومدار شهرن تي آهي ۽ شهرن کي اڪثر معيشتن لاءِ ’ترقي جي انجڻ‘ طور سڃاتو وڃي ٿو، تنهنڪري شهرن کي پائيدار بڻائڻ معاشي ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ انتهائي اهم آهي.سنڌ حڪومت نوشهروفيروز سميت سنڌ جي 17 وڏن شهرن جا ڊولپمينٽ ماسٽر پلان ڪنسلٽنٽس ذريعي مڪمل ڪري ورتا آهن. ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن سيد سجاد حيدر ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم نوشهروفيروز شهر جي ماسٽر پلان جي حوالي سان پي اينڊ ڊي کاتي جي قدمن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماسٽر پلاننگ پائيدار ترقي جو هڪ بهتر ذريعو بڻجي سگهي ٿي جنهن ذريعي ترقياتي اسڪيمن کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي.ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز شھر جي ماسٽر پلان کي جديد ضرورتن مطابق فعال ۽ ڪارائتو بڻائڻ جي لاءِ عوامي نمائندن جي ڀرپور شرڪت کي ساراهيو ۽ مستقبل بابت پنهنجون تجويزون پيش ڪيون ان موقعي تي فورم شرڪت ڪندڙن جي تجويزن کي ماسٽر پلان ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان تي عملدرآمد تائين نون شهرن لاءِ مشاورتي عمل کي جاري رکڻ تي زور ڏنو.سيمينار ۾ ايم پي اي سنڌ اسيمبلي ممتاز علي چانڊيو، ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم، چيئرمين ضلعي ڪائونسل نوشهروفيروز سهيل اختر عباسي، ذوالفقار ڪنڀار ڊپٽي ڊائريڪٽر اربن پاليسي، ديال داس، راٺوڙ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اربن پاليسي ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.