ٽنڊوآدم: ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ پاران محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ ٽنڊوآدم جي مختلف امام بارگاهن، جلوس جي روٽن ۽ تعلقه اسپتال جو دورو

ٽنڊوآدم (حسنين عاشق ساند) ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ عمران الحسن خواجه پاران محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ ٽنڊوآدم شهر جي مختلف امام بارگاهن، جلوس جي روٽن ۽ تعلقه اسپتال جو دورو، تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ عمران الحسن خواجہ محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاء 9 محرم الحرام جي رات ٽنڊوآدم جو دورو ڪيو. هن شهر جي مختلف امام بارگاهن سميت جلوس جي رستن ۽ تعلقا اسپتال جو پڻ دورو ڪيو، تعلقا اسپتال جي دوري دوران هن ايم ايس کي محرم الحرام دوران عزادارن کي صحت جون مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ شهر جي مختلف امام بارگاهن عزا خانہ زھرا، حاجي شاه امام بارگاھ، پنجتني امام بارگاه ۽ چانهين جي پڙ سميت ٻين امام بارگاهن جو دورو ڪري سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ ماتمي جلوسن جي روٽن جو پڻ جائزو وٺندي تعلقہ انتظاميه کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران محرم الحرام جي حوالي سان صفائي سٿرائي، عزادارن جي لاء طبي سهولتون ۽ بجلي جي فراهمي وارن قدمن سميت سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي لاء پوليس سان گڏ رينجرز پڻ مقرر ڪئي وئي آهي ۽ فوج کي اسٽينڊ باء رکيو ويو آهي. هن چيو ته عزادارن لاء دوائن سميت مڪمل طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي ويندو. ان موقعي تي اڪبر حسين چغتائي، عاشق حسين ساند، رئيس قمبر علي مري ۽ امان الله انڙ پڻ موجود هئا.