English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽنڊو آدم تعلقہ اسپتال ۾ سھولتون نه ھجڻ خلاف جسقم سانگھڙ پاران احتجاجي مظاھرو
110 views
|
12th Jul 2024
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو آدم تعلقہ اسپتال ۾ سھولتون نه ھجڻ خلاف جسقم سانگھڙ پاران احتجاجي مظاھرو
ٽنڊو آدم (حسنين ساند) تعلقہ اسپتال ۾ سھولتون نه ھجڻ خلاف جسقم سانگھڙ پاران ضلعي ڊپٽي آرگنائيزر الھداد مري ۽ تعلقا صدر غلام شبير ڪوريجو جي اڳواڻيءَ ۾ شھر جي مک محمدي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھري ۾ شريڪ جسقم ڪارڪن تعلقا اسپتال اندر سھولتون نه ھجڻ، ڊاڪٽرن پاران مريضن سان اڍنگي رويي، دوائن جي کوٽ، مبينا طور سرڪاري دوائون وڪرو ڪرڻ جھڙا نعرا هنيا. ان موقعي تي جسقم سانگھڙ جي ڊپٽي آرگنائيزر الھداد مري ۽ غلام شبير ڪوريجو خطاب ڪندي چيو تہ ٽنڊي آدم جي تعلقا اسپتال اندر مريضن کي سھولتون ميسر نه آھن، اسپتال اندر ڊاڪٽرن جي شديد کوٺ آھي، سرجن، ھڏين، ٽي بي، ھيپاٽائيٽس ۽ ٻين مرضن جا ڊاڪٽر موجود ناھن، ھنن چيو تہ دل ۽ گڙدن جا وارڊ مڪمل طور تعمير ٿيل آھن پر دل ۽ گڙدن جا ڊاڪٽر، عملو ۽ سامان ناھي، سرڪاري ڊاڪٽر مختلف پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڊيوٽي ڪري رھيا آھن، ھنن چيو تہ اسپتال جي مھيني جي بجيٽ تمام گھٽ آھي، مريضن جو تعداد ھر مھيني ھڪ لک جي برابر آھي جنھن لا۽ ھڪ ڪروڙ 14 لک روپيا مھيني جي بجيٽ تمام ٿوري آھي، ھنن مطالبو ڪيو آھي ته تعلقا اسپتال اندر ھڏين، دل، گڙدن، ٽي بي، ڪاري ڪامڻ، شوگر سميت جي لا۽ سمورا شعبا قائم ڪري سرجن ۽ ٻين مرضن جا ڊاڪٽر، عملو مقرر ڪيو وڃي. ھنن اھو به مطالبو ڪيو تہ ٽراما سينٽر اندر معيار مطابق سھولتون ڏنيون وڃن، تعلقا اسپتال اندر مڪمل تعمير ٿيل گڙدن ۽ دل جي شعبن کي فعال بڻايو وڃي. ھنن چيو تہ چار لک کان بہ وڌيڪ آبادي رکندڙ شھر جي تعلقا اسپتال لاوارث بڻيل آهي جنھن تي ھتان جي چونڊيل نمائندن جي نظر کان بہ رھيل آھي. ھنن چيو تہ مريضن جي کاڌي پيتي جي لا۽ مقرر چاليھ لکن کان وڌيڪ بجيٽ ڪٿي خرچ ٿيئي ٿي جڏھن ته مريضن کي کاڌو ڪافي ڏھاڪن سالن کان نه پيو ڏنو وڃي. ھنن چتاءُ ڏنو ته تعلقا اسپتال جي سارسنڀال لڌي وڃي ٻي صورت ۾ تعلقا اسپتال کي اپگريڊ ۽ مثالي بڻائڻ لا۽ ھڪ منتظم جدوجھد شروع ڪنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٽنڊو آدم
جسقم سانگھڙ
0 تبصرے