English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي ڇوٽا گبول ڳوٺ مان نوجوان مبينا کنڀي ويو، وارثن جو احتجاجي مظاھرو
views
|
08th Jul 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي ڇوٽا گبول ڳوٺ مان نوجوان مبينا کنڀي ويو، وارثن جو احتجاجي مظاھرو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڇوٽا گبول مان 18ورھين جي نوجوان مجيب ولد مريد علي چولياڻي کي سول ڊريس ۾ ملبوس اھلڪارن گھر مان زبردستي کنڀي کڻي ويا. نوجوان جي گھر ۾ روڄ راڙو متل. امڙ ۽ گھر سندس گھر واري کي بيھوشي جا دورا پوڻ شروع ٿي ويا. نوجوان جي بازيابي لاء گھر ۾ قرآن خواني صلوات جو ورد جاري آھي. نوجوان جي بازيابي لاء وارثن پاران معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي مظاھرين چيو ته رات جو ٽي وڳي سول ڊريس ۾ ملبوس اھلڪارن چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪري 18 ورھين جي نوجوان مجيب الرحمن چولياڻي کي بيگناھ گھر مان زبردستي کنڀي کڻي ويا آھن. جنھن جو ٽن ڏينھن کان ڪٿي ڪوبه ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو. ھنن چيو ته اسين سھراب ڳوٺ ٿاڻي سميت مختلف ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي چڪا آھيون پر نوجوان مجيب الرحمن جي ڪٿي ڪابه انٽري داخل ناھي. ھنن چيو ته مجيب الرحمن چولياڻي 18 ورھين جو آھي جنھن جي شادي ٻه مھينا اڳ ٿي آھي ۽ مجيب الرحمن فيڪٽري تي محنت مزدوري ڪندو آھي. بيگناھ پوليس اسان جي نوجوان کي کڻي گم ڪيو آھي اگر اسان جو نوجوان ڪنھن ڏوھ ۾ ملوث آھي ته ان کي ظاھر ڪري ڪورٽ ۾ ڪيس ھلايو وڃي. ھنن سپريم ڪورٽ. سنڌ ھاء ڪورٽ. وزيراعلي سنڌ. آء جي سنڌ. ايڊيشنل آء جي ڪراچي. ايس ايس پي اوڀر کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان کي ظاھر ڪري چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪندڙ اھلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
0 تبصرے