سنڌ هن وقت تمام ڏکي صورت حال مان گذري رهي آهي، سنڌ جي زمين ۽ وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن: صنعان خان قريشي

سنڌ هن وقت تمام ڏکي صورت حال مان گذري رهي آهي، سنڌ جي زمين ۽ وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن: صنعان خان قريشي

سنڌ هن وقت تمام ڏکي صورت حال  مان گذري رهي آهي، سنڌ جي زمين ۽ وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن: صنعان خان قريشي

سجاول (گلشيرميربحر) سجاول ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ ڌارين جي آبادڪارين، منشيات ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف سوين ڪارڪنن سان گڏ پتڻ ناڪي خان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ هن وقت تمام ڏکي صورت حال مان گذري رهي آهي. اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن کي منشيات جي ور چاڙهي نوجوان نسل کي تباه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي، منشيات فروشن کان منٿيلون ڪير ٿو وٺي ان کي روڪيو ڇو نه ٿو وڃي، هن چيو ته جيڪا ڌرتي پوري ملڪ کي سنڀالي ٿي ان ڌرتي جا ماڻھن اڃ ۽ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، غريبن کي اسپتالن ۾ دوائون نٿيون ملن، اسپتالن جي جيڪا بجيٽ اچي تي هتي جا چونڊيل نمائندا هڙپ ڪريو وڃن ٿا، اسان جي غريب مسڪين ٻارن کي صحيح تعليم نٿي ملي سرڪاري اسڪولن جو سڀ بجيٽون کاڄيون وڃن ٿيون هتي ڪير به محفوظ ناهي ننڍن معصوم ٻارن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو، پرياڪماري کي اغوا ٿيندي ڪئين سال گذري ويا پر اڃاتائين ان جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آھي. حق سچ لکڻ تي صحافين کي قتل ڪيو وڃي ٿو جيئن ميرپور ماٿيلي جو بهادر صحافي نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪيو ويو آھي، سنڌ ۾ سازش تحت ڌارين کي آباد ڪري اصل ڌرتي ڌڻين سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪئي پئي وڃي ان لاءِ اسان سڀني کي گڏ ٿيئڻو پوندو تڏھن هن مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگهندا سين. ان موقعي تي جسقم ضلع سجاول جو صدر نظير لغاري، محمد خان پٺاڻ. طفيل لغاري. سلطان کوسو ۽ ٻيا سوين ڪارڪن موجود هئا