سنڌ ۾ صحافين جي قتل خلاف ۽ پريا ڪماري توڙي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ ريليون ۽ مظاھرا

سنڌ ۾ صحافين جي قتل خلاف ۽ پريا ڪماري توڙي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ ريليون ۽ مظاھرا

سنڌ ۾ صحافين جي  قتل خلاف ۽ پريا ڪماري توڙي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ ريليون ۽ مظاھرا

ڪراچي (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شھرن ۾ صحافين جي قتل خلاف ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا، ڪنڌڪوٽ ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي. جان محمد مھر. اجي لالواڻي ۽ ٻين صحافين جي قاتلن جي گرفتاري لاء ۽ اغوا ٿيل پرياڪماري. فضيلاسرڪي سميت ٻين مغوين جي بازيابي. لاقانونيت. بدامني خلاف گھنٽاگھرکان پريس ڪلب تائين سوين ماڻھن پليڀڪارڊ . بينر .جھنڊا کڻي سخت نعري بازي ڪندي احتجاجي مظاھرو ڪري قاتلن جي گرفتاري. مغوين جي بازيابي ۽ امن امان بحال ڪرائي تحفظ جو مطالبو ڪيو. شھدادڪوٽ ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ سکر جي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي شھيدن جي قاتلن کي فوري طورگرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي . ان موقعي تي صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن فداحسين ڀٽي معشوق کوسو ايم اسحاق بوزدار حمل خشڪ ذوالفقار علي سيلرو الھداد خشڪ غلام مصطفي ڀٽي عبدالقيوم بروھي خالدحسين سيلرو سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو آهي ته سنڌ جي صحافين لاءِ سنڌ جي ڌرتي مقتل گاهه بڻائي وئي آهي پر ان باوجود به حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد نصر الله گڏاڻي جي قتل واقعن کي اسان گهري سازش سمجهون ٿا . ٻنهي بيباڪ صحافين کي سچ جو ساٿ ڏيڻ جي ڏوهه ۾ موت جي ننڊ سمهاريو ويو سنڌ جي صحافين کي حق سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ شهيد ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي ان هوندي به اسان جا حوصلا وڌيڪ مضبوط آهن صحافي سٿ هاڻي ڪڏهن به جاگيردارن ٖ سردارن ٖ ڀوتارن ٖ ميرن ٖ پيرن ۽ وڏيرن جي غلامي کي قبول ڪونه ڪندي اسين اهڙي رهزني نظام جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. شھيد جان محمد مھر ۽ شھيد نصر الله گڏاڻي جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آھي شھيد پنھنجي زندگيء ۾ ڌاڙيل ڪلچر ڪارو ڪاري ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ ٻين ناجائزين خلاف قلم جي طاقت استعمال ڪري سنڌ ۾ امن جي پيغام جو درس ڏئي ويا آهن شھيد جان محمد مھر ۽ نصر الله گڏاڻي بهادر قلمڪار هئا جنهن جي شھادت ۾ سنڌ جي ڀوتارڪي سوچ ۽ پوليس گردي واري سازش شامل آھي .صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شھيد جان محمد مھر ۽ شھيد نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. سوڀوديرو ۾ سنڌ صحافي اتحاد ۽ خيرپور صحافي اتحاد جي سڏ تي شھيد نصر الله گڏاڻي شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاء پريا ڪماري جي آزادي لاء ۽ ٻٻرلو جي صحافي حيدر سنڌي جي جوابدارن جي گرفتاري لاء سوڀوديرو ۾ بس اسٽينڊ کان پريس ڪلب سوڀوديرو تائين ريلي ڪڍي تعلقا پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنهن ۾ خيرپور صحافي اتحاد جو صدر جمال محمود کھڙو ـ امداد اوٺي ـ زاھد سامٽيو ـ فضل منگي ـ اورنگزيب پيرزادو ـ ظھور ڄامڙو ـ منظور سند ـ عارف خاڪي ـ علي بخش سولنگي ـ منصف ابڙو ـ وندر چنو ـ سماجي اڳواڻ ڪفايت شيخ ـ علي بخش شيخ ـ جسقم اڳواڻ ڪرم سامٽيو ـ حاڪم منگي سميت وڏي تعداد م صحافين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. قلم ڌڻين مطالبو ڪيو ته شھيد نصر الله گڏاڻي ۽ شھيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ۽ پريا ڪماري کي آزاد ڪيو وڃي ٻٻرلو جي صحافي حيدر سنڌي تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. قاضي احمد ۾ شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي سکر جي شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاقلن جي گرفتاري پريا ڪماري جي بازيابي ۽ صحافي حيدر مستوئي تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف صحافي اتحاد طرفان سائل لاکو يھيا بختيار ڀٽي ممتاز جتوئي ايم بي ڏاهري الھ رکيو سيال جي اڳواڻي ۾ صحافي چونڪ کان ناز باغ گيٽ تائين بينر ھٿن ۾ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو پرزور مُطالبو ڪيو ويو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، ۽ اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريه ڪُماري کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي-صحافي حيدر مستوئي جي مٿان فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سنڌ ۾ صحافي وڌيڪ سخت احتجاج ڪندا جنهن جي سموري ذميوار وقت جي حڪمرانن ۽ رياست تي عائد ٿيندي سن شھر ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ جي سڏ تي اڄ سن شھر ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي جان محمد مھر جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۽ پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ لاء سخت احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو سن ۾ ڪامريڊ انور منڱڻھار رحمان چانڊيو عبدالحمد سنڌي شھمير خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جئي سنڌ پليٽ فارم کان سخت احتجاجي مظاھرو ڪري نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي ھنن ميڊيا سان ڳالھائندي چيو ته صحافي نصر الله گڏاڻي جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا نه وري پريا ڪماري بازياب ٿي سگھي آهي بااثر قاتل ۽ پرياڪماري کي اغوا ڪندڙ حڪومت کان وڌيڪ طاقت ور آهن حڪومت ڪمزور ٿي وئي آهي جو صحافين سميت عام ماڻهن کي به سرعام گولين جو کاڄ بڻايو پيو وڃي اسان ڊي آء جي سنڌ ۽ آرمي چيف کي اپيل ٿا ڪريون ته صحافي نصر الله گڏاڻي جان محمد مھر جا قاتل جلد گرفتار ڪري پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي عوام جي بيچيني ختم ڪئي وڃي مانجھند ۾ شھيد صحافي جان محمد مھر ۽ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاء پريس ڪلب مانجھند جي صحافين جو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ پريس ڪلب مانجھند جي سرپرست اعلي يوسف عمراڻي، گلزار ملاح، محسن خاصخيلي ،محرم خاصخيلي، سياسي سماجي اڳواڻن فقير اعجاز ميمڻ،بشير ميمڻ، رشيد ورياڻي، عادل اڪبر ڪاڇي ۽ ٻين جو چوڻ ھيو تہ سنڌ اندر صحافين کي روزانو جي بنياد تي قتل ڪيو وڃي ٿو پر سنڌ حڪومت صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي ڪجھ وقت اڳ صحافي جان محمد مھر کي قتل ڪيو ويو جنھن جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاء م سنڌ جا قلم ڌڻي احتجاج ڪري رھيا ھيا تہ وري ميرپورماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي کي نامعلوم ماڻھن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو پر پوليس جي خاموشي سواليه نشان آھي ھنن مطالبو ڪيو آھي تہ سنڌ جي صحافين کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي نہ تہ سنڌ جا قلم ڌڻي سي ايم ھائوس جو ھڪ دفعي ٻيھر گھيرا ڪندا.ٺڪراٺو ۾ ميرپور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصراللہ گڏاڻي سکر جي صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ۽ سنگرار جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاء ٺڪراٺو صحافين ۽ شھرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن مجيد مهر ، حضرت گل پٺاڻ، ممتاز مهر، واجد سومرو، ميرحسن منگي،علي گوهر مهر، اربيلو مهتم، علي نواز مهر، عطا سهتو اصغر مهر، ڪرم علي مهتم استاد نظام قاضي راجه حقنواز مهتم ۽ ٻين چيو تہ سنڌ ۾ صحافين لاء زمين تنگ ڪئي وئي آهي سريعام صحافين جو قتل عام ڪيو وڃي ٿو ٽي سئو ڏينهن شهيد جان محمد جي قتل کي ٿيا آهن جڏهن ته مير پور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي کي 12 ڏينهن گذري ويا آهن پر قاتل ۽ سھولتڪار گرفتار ناھن ٿي سگھيا جڏهن تہ معصوم نياڻي پريا ڪماري بہ ٽي سال گذرڻ باوجود بازياب ناهي ٿي سگهي سنڌ سرڪار ۽ سنڌ پوليس مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي مظاهرين وفاقي حڪومت ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي شهيد صحافين جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي پڊعيدن ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاء احتجاج ڪيو ويو احتجاج ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين شرڪت ڪري شھيد صحافين جي قاتلن جي گرفتاري لاء سخت نعريبازي ڪئي اڳواڻن حيدر پلھ , طالب لاشاري , ارشاد سولنگي , اياز راڄپر , رفيق راڄپر ۽ ٻين احتجاج جي اڳواڻي ڪئي راڻيپور ۾ شھيد نصرالله گڏاڻي شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ٻٻرلوء جي صحافي حيدر مستوئي جي حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف صحافي اتحاد خيرپور جي سڏ تي راڻيپور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي لعل بخش سهتو لياقت ميمڻ انور ناريجو اسرار عمراڻي رضا راڄپر عبدالرحيم سولنگي گلشن شيخ وحيد سولنگي جعفر راڄپر نياز مومن ڄامڙو وقار عمراڻي ڪري رهيا هيا ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي شھيد جان محمد مھر جا قاتل ۽ حيدر مستوئي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آھن گهوٽڪي پوليس سکر پوليس جي نااهلي آھي جو قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي صحافين مٿان حملا روز جو معمول بڻجي ويو آھي ٻٻرلوء ۾ صحافي حيدر مستوئي مٿان حملو ڪيو ويو پر ان جا جوابدار به پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آھي صحافين هميشه حق سچ جو ساٿ ڏنو آھي صحافي اتحاد خيرپور هميشه ورڪنگ جنرلسٽ جو ساٿ ڏنو آھي نصراللہ گڏاڻي جان محمد مهر هڪ پروفيشنل صحافي هيا حق سچ جو علم کنيو هيو جيڪي شھيد ٿي ويا هنن سپريم ڪورٽ پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته ازخود نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٺري ميرواھ ۾ سياسي سماجي صحافي تنظيمن پاران شھيد صحافين جان محمد مگر ۽ نصرالله گڏاڻي جي قاتلن ۽ صحافي حيدر مستوئي مٿان قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لا احتجاج ڪيو، جمال شاھ ۾ شهيد صحافين جان محمد مهر ۽ نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ صحافين پاران علي دوست خاصخيلي، رياض مشوري ۽ نظير ڏاهري جي اڳواڻي ۾ پریس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته شھيد صحافين نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر سدائين مظلوم ماڻهن جو آواز بلند ڪيو، جنهن سبب سندن کي گوليون ھڻي شهيد ڪيو ويو، جڏهن تہ معصوم نياڻي پريا ڪماري پڻ حڪومت جي نااهلي سبب اڃان تائين بازياب ناھي ٿي سگهي، ھنن مطالبو ڪيو ته شهيد صحافين جان محمد مهر ۽ نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار ۽ سهولتڪار گرفتار ڪيا وڃن ۽ معصوم نياڻي پريا ڪماري کي ازاد ڪرائي سنڌ واسين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.سيوھڻ ۽ ڀان سيدآباد ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي شھيدجان محمد مھر ، شھيد نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪارڪنن پاران پارٽي آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ۽ نٽھڻ اس ۾ نعريبازي, ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سيوھڻ جي صدر نواز رند, تاج محمد پنھيار, عبدالحڪيم بڙدي, فريد ٻگھيو, محمدخان سولنگي, امام علي جتوئي دريا خان لغاري اصغر شاھاڻي اصغر سولنگي ۽ ٻين احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي حق سچ لکندڙ صحافين مٿان ڀوتارن ۽ سردارن جي يلغار بند ٿيڻ کپي ۽ عوام جو آواز بلند ڪندڙ صحافين کي قتل ڪرڻ آزاد صحافت تي وار سمجهون ٿا,اسان نياڻي پريا ڪماري جي آزادي چاھيون ٿا جنهن جي امڙ سنڏ واسين کان پنهنجي جگر جي ٽڪري لاء واجھائي رھي آهي,ڪشمور ۾ شھيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو ان موقعي تي سينيئر صحافين دليپ ڪمار ڪيسواڻي ،لعل بھادر بجاج ،درشن لعل ڪيسواڻي احمد علي سيال، تاج محمد کوسو محمد شريف ڄامڙو ،ماجد مزاري ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ايس ايس پي گھوٽڪي خلاف سخت نعريبازي ڪندي شھيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث بااثرن ۽ انهن جي سھولتڪارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ صحافين کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو ڪجه مھينا اڳ شھيد جان محمد مھر کي قتل ڪيو ويو جنهن بعد سينيئر صحافي نصرﷲ گڏاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ٻٻرلو وٽ حيدر مستوئي کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو ڪشمور جي صحافي ڄام اصغر چاچڙ کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو جنهن جا جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن آئ جي سنڌ سميت مختلف سکر، گھوٽڪي، ڪشمور ضلعن جا ايس ايس پيز صحافين جا جوابدار گرفتار نه ڪري سگهيا آهن شھيد صحافين جا قاتل ۽ انهن جي سھولتڪارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ۽ زخمي ٿيل صحافين جا جوابدار گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪيا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويند