English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي هيڊڪوارٽر ڪميٽي جو اجلاس، 7 جون تي عظيم ڏاھي رسول بخش پليجي جي ورسي ڀرپور نموني ملھائڻ جو فيصلو
views
|
02nd Jun 2024
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي هيڊڪوارٽر ڪميٽي جو اجلاس، 7 جون تي عظيم ڏاھي رسول بخش پليجي جي ورسي ڀرپور نموني ملھائڻ جو فيصلو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي هيڊڪوارٽر ڪميٽي جو اجلاس سيڪريٽري خادم سمون جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تنظيم سازي ۽ سنڌ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ سنڌ داڙيل راڄ تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ 7 جون تي قومي عوامي تحريڪ پاران سڄي سنڌ ۾ عظيم مفڪر استاد رسول بخش پليجو ڇھين ورسي ملهائي ويندي، 14 جون تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ضلعي جي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي نئين باڊي چونڊي ويندي. اجلاس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ معصوم پريا ڪماري اغوا آھي. صحافي قتل ٿي رھيا آھن. نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سبب سنڌ جي عوام جي حالت بدحالي واري آھي. پاڻي کوٽ جي ڪري لاڙ ۾ ھزارين ايڪڙ زمينون بنجر ٿي ويون آھن. ساحلي پٽي وارا ضلعا ٺٽو، بدين ۽ سجاول وڌيڪ ڀڙڀانگ ٿي ويا آھن۔ عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي بہ سھولت ناھي سنڌ جا آبادگار معاشي بدحالي جو شڪار آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪب آباد، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ گھوٽڪي سميت قبيلائي اثر وارن ضلعن ۾ لاقانونيت، بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ آھي. ماڻھو اغوا ڪري قتل ڪيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ بدامني، چورين، ڌاڙن ۽ اغوا جا واقعا وڌي رھيا آھن. ڏوھاري ماڻھو آھستي آھستي طاقتور ٿي رھيا آھن. قانون تي عمل نہ ٿي رھيو آھي، پوليس ۾ موجود ڪرپٽ عنصر انصاف ۾ وڏي رڪاوٽ آھن اياز لطيف پليجي چيو تہ بلدياتي ادارن عوام جي دولت تي ڌاڙا ھنيا آھن، بلدياتي ادارن کي جيڪي پئسا مليا اھي ڪرپشن جي نظر ٿي ويا. ڪرپشن ۾ ملوث چيئرمينن ۽ آفيسرن جا ڪميشن عيوض رڪارڊ سڌا ڪيا ويا آھن. ھيٺين سطح تائين انصاف ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ وارو خواب خواب ئي رھجي ويو. جيڪڏھن چيڪ اينڊ بيلنس ھجي ھا تہ اربين روپيا ڪرپشن جي نظر نہ ٿين ھا ڪرپشن ۾ ملوث چيئرمينن ۽ ملوث آفيسرن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي . اجلاس ۾ الطاف، خاصخيلي، آغا عباس پٺاڻ، نظير بليدي، بابو ميمڻ، ايڊووڪيٽ جئہ ڪمار، رفيہ پليجو، نصرت خاصخيلي، صبا سمون، غلام نبي سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
ڏاھي رسول بخش پليجي
0 تبصرے