English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بھه جي واپارين جي سڄي سنڌ ۾ هڙتال، ڪراچي ۾ چاري جي کوٽ
91 views
|
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
بُھھ جي واپارين پاران پوليس جي مبينا زيادتين خلاف سڄي سنڌ ۾ ٽن ڏينهن کان هڙتال جاري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بُھھ جي واپارين پاران پوليس جي مبينا زيادتين، رشوت خوري ۽ ڪيسن جي داخلا خلاف سڄي سنڌ ۾ ٽن ڏينهن کان جاري هڙتال سبب ڪراچي ۾ چاري جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ لکين چوپايو مال متاثر ٿيڻ ۽ کير جي بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.ڀينس ڪالوني ۾ شهزاد سليم ۽ آصف بيگ جي اڳواڻي ۾ واپارين ۽ ڊرائيورن وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن ۾ دادو، ڄامشورو، سجاول ۽ ٺٽو ضلعن جي پوليس، موٽروي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج دوران پوليس جي وڏي نفري پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وئي احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته پوليس مختلف چوڪين تي گاڏين کان مبينا طور 5 هزار کان 10 هزار رپيا رشوت وٺي ٿي، تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪيا وڃن ٿا. سندن چوڻ هو ته هڪ گاڏي کي ڪراچي تائين پهچائڻ لاءِ لڳ ڀڳ 50 هزار رپيا خرچ ڪرڻا پون ٿا، جنهن سبب ڪاروبار تباهه ٿي رهيو آهي واپارين جو چوڻ هو ته ٽن ڏينهن کان ڪراچي ۾ ڀُو نه پهچڻ سبب شهر ۾ لڳ ڀڳ 10 لک چوپايو مال بک جي ور چڙهيل آهي، جڏهن ته کير جي پيداوار پڻ سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن صورتحال برقرار رهي ته مال جي فوتگين جي ذميواري حڪومت تي هوندي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جاري آهي، پر حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ هڙتال جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.واپارين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي مبينا زيادتين جو فوري نوٽيس وٺي چاري جي فراهمي بحال ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ ڪراچي کي شديد کير جي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
بھه جي واپارين جي سڄي سنڌ ۾ هڙتال
0 تبصرے