سنڌو چؤڪ تي سماجي تنظيم منهنجا مارو ملير جا طرفان هڪ ڏينهن واري امدادي ڪيمپ لڳائي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي نامياري شاعر علي صفدر جي ٻارن جي تعليم، روشن مستقبل ۽ سهائتا لاءِ ڪراچي جي مختلف علائقن کانپوءِ گلشن حديد جي سنڌو چؤڪ تي سماجي تنظيم منهنجا مارو ملير جا طرفان هڪ ڏينهن واري امدادي ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ رهواسين پهچي چندو جمع ڪرايو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سياسي سماجي اڳواڻن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي ياسر عرفات، منهنجا مارو ملير جا جي صدر عرفان عباسي، شبير شاھ، بخشيل سيال، ساجدہ ميمڻ، محمد بخش مري، ڊاڪٽر ثمينه واحد ۽ ٻين ٻڌايو ته علي صفدر جي ٻارن جي مدد لاءِ اڳ ۾ سچل ڳوٺ، ڪراچي پريس ڪلب ۽ تين تلوار سميت مختلف هنڌن تي ڪيمپون لڳايون ويون آهن ۽ هاڻ گلشن حديد جي سنڌو چؤڪ تي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته گلشن حديد جي باشعور عوام ۽ خاص طور تي سماجي تنظيم "منهنجا مارو ملير جا" جي اڳواڻ عرفان عباسي پاران ڪيمپ جي ڀرپور مدد ۽ تعاون ڪيو ويو آهي منتظمن وڌيڪ ٻڌايو ته هي امدادي مهم علي صفدر جي چاليهي تائين جاري رهندي هن مهم جو ايندڙ پڙاءُ 25 جولاءِ تي حيدرآباد جي نسيم نگر چؤڪ تي هوندو. ڳالهائيندڙن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن ڪيمپ ۾ ويٺل ڪو به ماڻهو علي صفدر جو مٽ مائٽ ناهي، پر سندس شاعري ۽ سنڌ سان محبت جي ڪري سڀ گڏ ٿيا آهن هنن چيو ته علي صفدر جو اصل وارث سنڌ ۽ سنڌ جو شعور رکندڙ عوام آهي منتظمن ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين، سماجي تنظيمن ۽ درد دل رکندڙ انسانن کي اپيل ڪئي ته هو هن نيڪ ڪم ۾ پنهنجو حصو وجهن ته جيئن هڪ قومي شاعر جي ٻارن کي روشن مستقبل ڏئي سگهجي.
0 تبصرے