ڏک جي گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ بيهڻ اسان جي سماجي ۽ اخلاقي ذميواري آهي: سيد امير علي شاهه
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ ايم پي اي سيد امير علي شاهه عمرڪوٽ شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري تازو فوت ٿي ويل شهرين جي وارثن سان ملاقاتون ڪيون ۽ ڏک جي هن گهڙي ۾ دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، ايم پي اي سيد امير علي شاهه پهرين جهامن مڪڙو مالهي جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي، جنهن کان پوءِ شنڪر ميگهواڙ پارڪري جي لاڏاڻي تي سندس گهر پهچي فاتحه خواني ڪئي، ان کان پوءِ هن لالا ستار جي گهر واري جي وفات تي سوڳوار خاندان سان ڏک ونڊيو، جڏهن ته محمد خان فوجي مسلم بجير جي وفات تي پڻ سندس گهر وڃي وارثن سان تعزيت ڪندي مرحومن جي مغفرت ۽ بلند درجات لاءِ دعا گهري، ان موقعي تي سيد امير علي شاهه چيو ته ڏک ۽ غم جي گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ بيهڻ اسان جي سماجي ۽ اخلاقي ذميواري آهي، هن دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحومن کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندانن کي صبر جميل نصيب ڪري، تعزيتي دوري دوران پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ جي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گهنشام داس، چيئرمين رئيس چاڪر خان مري، حاجي سومار بجير، ڊاڪٽر شفيع محمد بجير، راجا رامچند مالهي، ڪانجي مل، جيوت اوڏ ۽ پونم جاٽ پڻ ساڻس گڏ موجود هئا.
0 تبصرے