نوشھروفيروز ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪر فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي احتجاج

نوشھروفيروز ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪر فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي احتجاج

نوشھروفيروز ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪر فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) 9ڏينهن اڳ ضلع ڪائونسل جي ملازم ۽ يونين اڳواڻ جي حيدرآباد سٽي ٿاڻي تي چرس تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سهيل اختر عباسي ۽ نوسهرو فيروز ۽ حيدرآباد پوليس خلاف آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪر فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي پريس ڪلب آڏو آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪر فيڊريشن نوشهرو فيروز پاران پريس ڪلب آڏو ڪشن راجا، قمرالدين منگي، علي گوهر، منور علي ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ضلع ڪائونسل جو چيئرمين سهيل اختر عباسي انتقامي ڪارروايون ڪندي نويد تڳر کي نوشهرو فيروز پوليس هٿان اغوا ڪرائي حيدرآباد سٽي ٿاڻي تي منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي نويد تڳر عدالت مان تحفظ حاصل ڪيو پر ان باوجود نوشهرو فيروز پوليس جي ايس ايڇ او اسد نبي کچي، وڏو منشي سڪندر پنهور، سليم راڄپر، بخش علي سولنگي اڄ گهر ٻاهران کيس اغوا ڪري کڻي ويا جن حيدرآباد پوليس حوالي ڪري 9C چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي نويد تڳر ضلعي ڪائونسل چيئرمين سهيل اختر عباسي پاران ڪيل جعلي ڀرتي ۽ ڪيل ڪرپشن کي وائکو ڪيو ان سبب چيئرمين نويد تڳر کي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي اهو ملازمن سان ظلم آھي ان لاءِ نويد تڳر تان ڪيس ختم ڪري ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪئي وڃي.